اُمِ رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد نه ڪرڻ تي ڊي جي ايف سي بلوچستان ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي نوٽيسز جاري

اسلام آباد :- اُمِ رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد نه ڪرڻ تي ڊي جي ايف سي بلوچستان ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي نوٽيسز جاري، روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد ڪري ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي به ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته ڊي جي ايف سي بلوچستان ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد ڪن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ڪيس ۾ روپوش ٿيل جوابدار رياست کان به وڌيڪ طاقتور آهن، اُنهن جي اڳيان پوليس به بيوس ۽ بيڪار نظر اچي رهي آهي، ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻون ٿا ته ٻار ۽ عورتون مزاحمت ڪنديون آهن، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته سڀ ڪجهه عدالت جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي