اي سي سي پاران پاڪستان اسٽيل ملز لاءِ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد :- اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز لاءِ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.  ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.  ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز لاءِ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪا سوئي سدرن گئس ڪمپني کي بلن جي ادائيگي لاءِ جاري ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت جي تجويز تي پاڪستان مورٽگيج ڪمپني قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جي فنڊ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اي گورنمينٽ تي عمل لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي سمري به منظور ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪپهه جي پيداوار وڌائن بابت بريفنگ ملتوي ڪري ڇڏي، ڪميٽي کي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت طرفان ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائن جي حوالي سان بريفنگ ڏيڻي هئي..