اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ثقلين شاهه جي والد الزام رد ڪري ڇڏيا: واقعي واري ڏينهن منهنجو پٽ ڪراچي موجود هئو: محب شاهه

خيرپور : اَي ايس آءِ بلاول وساڻ جَي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ثقلين شاهه جَي والد الزام رد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پٽ ثلقين واقعي واري ڏينهن ڪراچي ۾ موجود هو، جيڪڏهن ثقلين جِي ڪراچي کانسواءِ ڪنهن ٻئي هنڌ به موجودگي ثابت ٿئي ته کيس گولي هڻي ڇڏيو.  ايڊووڪيٽ محب شاهه چيو ته هُن نيب کي منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ خلاف درخواستون ڏنيون هنيون، جنهن تان پلاند ۾ منهنجَي پٽ کي قتل جَي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن وچين ڌُر ذريعي ثقلين کي پوليس وٽ پيش ڪيو ويو، اُن ڌر کي ايس ايس پي پاڻ چيو ته مٿس وساڻ صاحب زور ڀري رهيو آهي ته محب شاهه ۽ سندس ٽن پٽن تي ايف آءِ آر ڪٽي وڃي. خيرپور پوليس مان انصاف جِي اميد ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، خيرپور جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، اَي ايس آءِ بلال وساڻ ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدار فراز راجپوت ۽ ثقلين کي 7 جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو