usc creative writing graduate program creative writing page names how to stay awake at night while doing homework creative writing jobs in michigan university of virginia creative writing mfa have a business plan written for you research paper writers online hire writer for research paper homework help 5-28 creative writing lasalle colorado university creative writing homework help for 10 year olds

ايڪيهين صديءَ جي سنڌ، سيد ۽ امنِ عالم:ليکڪ جڳديش آهوجا

هرگز نه ميرد آنڪه دلش زنده شد به عشق

ثبت است برجويده عالم دوام ما (حافظ)

“جيڪا دل عشق جي ذريعي زنده ٿي آهي اها مري نٿي سگھي، دنيا جي دفتر تي اسان جي ابدي حياتي لکجي چڪي آهي.”

سائين جي ايم سيد جو طبعي سفر ته 17 جنوري 1904ع کان شروع ٿي، 24 اپريل 1995ع تي پورو ٿيو پر سندن فڪري سفر ۽ روح جي پرواز اڄ به جاري آهي. اڄ جڏهن اسان سندس 117 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ته سائين کي اسان کان موڪلائي 26 سال پورا ٿي رهيا آهن. ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو ڪو به مؤرخ، ملڪي توڙي غير ملڪي، حامي توڙي مخالف، جي ايم سيد جي ذڪر بنا لکي نٿو سگھي پر ڇا ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۾ به سائين جي ايم سيد جو اهو رتبو برقرار رهندو؟

عشق ۽ عقيدت پنهنجي جاءِ تي پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دنيا ۾ ڪو به بين الاقوامي معيار جو مؤرخ ته دنيا جي هر شخصيت کي چاهي اها سياسي هجي يا مذهبي، اصلاحي هجي يا انقلابي، تعميري هجي يا تخريبي، هر ڪنهن کي تاريخ جي مخصوص معيار تحت ئي پرکيندو ۽ اسان کي به ڏسڻو پوندو ته ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۽ دنيا ڪٿي بيٺي آهي ۽ ان ۾ سائين جي ايم سيد جي سوچ، فڪر ۽ راهه عمل جي وقعت ڪيتري رهي آهي؟

سائين جي ايم سيد جي اولين سڃاڻپ جديد سنڌي قوم جي تصور جي بانيڪار طور ٿئي ٿي، جيڪا سڃاڻپ سائين جي ايم سيد کي جديد سنڌ جي تاريخ جو ابدي ڪردار بڻائي ٿي. سندس عملي سياست جو ڪير ڪيڏو به نقاد ڇو نه هجي پر اهو به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھي ته ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ سنڌي قوم کي قومي شعور سان آراسته ڪرڻ ۽ پيڙهه جو پٿر جو ڪم سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل ادا ڪيو آهي.

اڄ سنڌي ثقافتي ڏينهن تي جڏهن سڄي عالم منجھان سنڌي قوم کي مبارڪن جا محبت ڀريا پيغام ملن ٿا ته اهي به سيد جي ئي فڪر ۽ عمل جي مرهون منت آهن. بلاشڪ ان ۾ اسان جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ قومي ورڪرن وغيره جون بي بها محنتون ۽ قربانيون شامل آهن پر ان راهه جي رهبريءَ جو تاج تاريخ سائين جي ايم سيد جي سِر تي ئي سجايو آهي.

سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ جو تخليقڪار به آهي ته تاريخ نويس به. سيد سنڌ جي تاريخ جو انقلابي ايماندار مورخ آهي. “سنڌوءَ جي ساڃاهه” کان “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ۽ “سنڌ جو ڪيس” پيش ڪرڻ تائين جيڪا به سنڌ جي تاريخ لکي آهي سا سموري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکي آهي. دنيا جي تاريخ جا اڪثر ڪتاب طرفداريءَ جا نمونا هوندا آهن پر جي ايم سيد ڪمال همت سان پنهنجي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ جو داستان انتهائي ايمانداريءَ سان لکيو آهي. اهڙي ئي جھلڪ اوهان کي گانڌيءَ جي آتم ڪٿا “منهنجو سچ” ۾ به ملندي. پنهنجي تجربن جي سربستي اُپٽار ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجي غلطين جو اعتراف سائين جي ايم سيد کي “عالمِ سياست جو سدا روشن ستارو” بڻائي ٿي. جيئن تارن کي سج جيان پنهنجي روشني هوندي آهي تيئن سائين جي ايم سيد به سنڌ جي تاريخ جو اهو سج آهي جيڪو اڄ ته قريب آهي پر جڏهن سڀاڻي ڏُور ٿي ويندو ته به سنڌ جي آسمان تي هڪ تاري جيان سدا روشن رهندو ۽ ايندڙ زمانن جي به هر مؤرخ کي سائين جي ايم سيد پنهنجي حصي جي مڪمل سچائي بيان ڪندڙ تاريخ نويس طور نظر ايندو.

ايڪيهين صديءَ جي هن ٽئين ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل جي صداقت جو وڏو امتحان ٿيڻو آهي. سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عمل جا ٻه باب اڄ به ڪڏهن دٻيل ڪڏهن وڏي واڪي تنقيدن جي زد هيٺ آهن. پهريون 1940ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ادا ڪيل سندس ڪردار ۽ ٻيو 1960ع  جي ڏهاڪي ۾ پيش ڪيل سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس جيڪو سائين 1973ع ۾ باضابطه هڪ ڪتاب “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ذريعي پيش ڪيو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجهد جون راهون هموار ڪيون. دلچسپ حقيقت اها به آهي ته هن ڪتاب کي شايع ٿئي اڌ صدي اچي پوري ٿي ٿئي پر اڄ تائين ڪنهن به نقاد هن ڪتاب جو تنقيد جائزو پيش نه ڪيو آهي. هن حوالي سان مٿس غداريءَ جا الزام به لڳا، ملڪ دشمنيءَ جا ڪيس به داخل ٿيا، مخالفن ان کي “وقت کان اڳ ڪپڙا لاهڻ” سان به ڀيٽيو پر اڄ تائين دليلن ۽ انگرن اکرن سان ڪنهن اهو نه لکيو آهي ته ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد آخر ڪهڙي ڳالهه غلط لکي آهي؟ سائين جي ايم سيد جڏهن “جيئن ڏٺو آهي مون” لکيو ته مذهبي ٺيڪيدارن ان ڪتاب مان حوالا ڏئي ڏئي پئي سائين جي ايم سيد کي ڪافر قرار ڏنو.

جڏهن ته جنهن به اهو ڪتاب پڙهيو هوندو يا پڙهندو ته ان ۾ سائين ڪٿي به ڪفر جي حمايت نه ڪئي آهي بلڪه ان ڪتاب منجھان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سائين سچو وحدت الوجودي آهي. پوءِ به هن ڪتاب مان مخالفن کي وري به ڪي دليل ڪي حوالا اهڙا هٿ آيا جن کي هنن مٿس تنقيد جا تير هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو پر منهنجي نظر مان اڄ تائين ساڄي توڻي کاٻي ڌر جي نقادن طرفان لکيل اهڙو ڪو هڪ مضمون به نه گذريو آهي جنهن ۾ هنن “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ” ۽ “سنڌوءَ جي ساڃاهه” مان ڪو حوالو ڏئي مٿس تنقيد ڪئي هجي يا سنڌ جي آجپي جي حق کي رد ڪيو هجي. دراصل اهو ئي اهم سوال آهي جنهن جو جواب سائين جي ايم سيد جي ايڪهين صديءَ جي ڪردار جو تعين ڪندو.

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهندي پئي اچي جنهن ۾اسان کي خاطر خواهه ڪاميابيون مليون آهن ۽ اڄ پاڪستان 1971ع کان پوءِ هڪ ڀيرو وري پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ لڙي رهيو آهي. هن سوال جو جواب توهان جي اسان جي خواهشن تي منحصر ناهي پر ان جو جواب آهي ارتقا جي سفر جو رخ جانچڻ ۾ ۽ اڄ جي نئين بين الاقوامي بيهڪ ۾. جيڪڏهن هيءَ رياست پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ پنهنجي فريم ورڪ اندر ئي سڀني قومن کي پنهنجا قومي حق ۽ خود اختياري ملي ٿي وڃي ته مستقبل جو مؤرخ لکندو ته جي ايم سيد جو سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ۾ پيش ڪيل فڪر غلط ثابت ٿيو ۽ پوءِ ان جي اها افاديت نه رهندي جيڪا اڄ آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن به ملڪي توڙي بين الاقوامي بحران سبب هيءَ رياست پنهنجو وجود بچائي نٿي سگھي ۽ سنڌ ڪهڙي به نانءُ سان پنهنجي وڃايل تاريخي رياستي حيثيت بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته تاريخ سيد جي فڪر ۽ عمل جي راهه تي تصديق جي مهر هڻي ڇڏيندي. پوءِ جڏهن ڪو به مؤرخ سيد جي ڪاميابين ۽ ناڪامين، غلطين ۽ ڪارنامن کي تارازيءَ جي ٻن پڙن ۾ توريندو ته ڪاميابين ۽ ڪارنامن جو پلڙو گھڻو ڀاري هوندو.

اڄ به سائين جي ايم سيد جو سڄو  ذڪر سنڌ جي حوالي سان ٿئي ٿو پر تاريخ جي ڪُک ۾ هن جو بين الاقوامي ڪردار به آهي جيڪو هن صديءَ ۾ نکري نروار ٿيندو. سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڪئنواس ڪائنات جيان وشال آهي پر سندس عمل جو ميدان فقط ۽ فقط سنڌ رهي جنهن ڪري سندس شفافيت به سنڌ سان ئي جڙيل رهي آهي پر هن صديءَ ۾ جڏهن سنڌ ۽ سنڌو واس جو سج اڀرندو ته سائين جي ايم سيد جو اهو عالمگير فڪر به سڄي دنيا جي منظرنامي تي اُڀري ايندو جنهن جو بنياد هن ٽن نقطن اتحاد انساني، امن عالم ۽ پرامن بقاءِ باهم تي رکيو آهي. هي هڪ عالمگير منشور آهي جنهن جي عملدرآمد لاءِ سائين چوي ٿو ته سنڌ کي هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، سنڌ کي اوڀر ۽ اولهه کي هلائڻ لاءِ پل جو ڪم ڪرڻو آهي. ظاهر آهي ته اهو ڪردار سنڌ تڏهن ئي ادا ڪري سگھندي جڏهن اها پاڻ  خودمختيار هوندي. ته سنڌ جي آزادي به سائين جي ايم سيد لاءِ منزل جو پهريون ڏاڪو آهي.  اصل منزل ته سموري عالم جو امن، سموري انسانيت جي آزادي، خوشحالي ۽ برابري آهي.

سائين جي ايم سيد جڏهن سچائيءَ جي تلاش ۾ نڪري ٿو ۽ سائين جي بقول هڪ مرحلي تي سندس دوست جمشيد مهتا چوي ٿو ته “جي ايم سيد اونداهيءَ جي طاقت (Dark Faces) جي ور چڙهي ويو آهي” تڏهن به هو عالم انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪائنات جا ڳُجھه معلوم ڪرڻ نڪتو هيو ۽ جڏهن سندس روشنين جو سفر شروع ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد پيغام لطيف کي ئي سنڌ توڙي سموري عالم جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي منشور طور پيش ڪري ٿو. سنڌ جي عاشق طور ته سائين جي ايم سيد جي شناخت پراڻي آهي پر ايڪهين صديءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي هڪ نئين شخصيت به نکري نروار ٿيندي، هڪ عالمگير شخصيت مستقبل جو مؤرخ لکندو ته “سنڌ جو سيد رڳو سنڌ جو عاشق ناهي پر گڏوگڏ لطيفي روح سان سرشار آفاقي عشق جو به علمبردار آهي