ايپل آءِ فون ڪمپني طرفان پهريون ڀيرو 12 سيريز جا 4 فونز پيش ڪري ڇڏيا

ڪيليفورنيا : ايپل آءِ فون 12 سيريز جا 4 فونز پيش ڪري ڇڏيا آهن ۽ پهريون ڀيرو ڪمپني طرفان ايتريون ڊيوائسز متعارف ڪرايون ويون آهن هن سال هر آءِ فون مختلف ڊسپلي سائز ۽ ميموري گنجائش سان پيش ڪئي وئي آهي ۽ قيمت جي حوالي سان به ڪيترائي آپشن آهن آءِ فون 12 مني ۾ ساڍا چار انچ آءِ فون 12 ۾ 16 انچ آءِ فون 12 پرو ۾ 16 انچ ۽ آءِ فون 12 پرو ميڪس ۾ 7 ڏهائي 6 انچ ڊسپلي ڏني وئي آهي ۽ هن ڪمپني جو هيل تائين جو سڀ کان وڏو ڊسپلي وارو فون آهي سڀني آءِ فونز ۾ 5 جي سپورٽ ڏني وئي آهي ۽ ايل اي ڊي ڊسپلي سان ليس آهي پر اينڊرائيڊ فونز جي ابتڙ ڪنهن ۾ به 120 هرٽز ريفريش ريٽ ناهي ڏنو ويو