ايوان زراعت ڪمند جو في مڻ 300 رپيه مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد :- ايوان زراعت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪمند جي سيزن کان اڳ شگر ملون کولڻ جو شيڊول جاري ڪري سرڪاري اگهه مقرر ڪيو وڃي.ايوان زراعت سنڌ جي صدر ميران محمد شاهه حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه في مڻ ٽي سئو رپيا مقرر ڪري.سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪمند جو اگهه ۽ ملون هلائڻ جو شيڊول  اڃا تائين جاري ناهي ڪيو،  سنڌ شگر ڪين آرڊيننس  تحت 15 آڪٽوبر کان شگر ملن کي چمنيون هلائڻ جو پابند بڻايو وڃي.ميران محمد شاهه چيو ته گذريل سال شگر ملون وقت تي نه هلايون ويون ۽ سندن مطالبه به تسليم نه ڪيا ويا، وقت تي ملون هلنديون ته ڪمنڊ نڪرندو، جنهن کانپوءِ آبادگار ڪڻڪ پوکي سگهندا، جيڪي شگر ملون رهتون نه پيون ڏين انهن خلاف ڪين ڪمشنر ڪارروايون ڪن.هن چيو ته  سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر سڄي سنڌ ۾ برساتي تباهين تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي، هاري ۽ آبادگار تازين برساتن بعد سخت پريشان آهن، فصلن جو مناسب اگهه به نه ملي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي گنجائش 4 هزار 6 سو ڪيوسڪ آهي، پر 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، جنهن ڪري سم نالي کي ڇهن جاين تان گهارا لڳا، جنهن سبب 4 لک ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ آئي.ميران محمد شاهه چيو ته 20 سيڪڙو برسات جو پاڻي اڃا تائين فصلن ۾ موجود آهي جيڪو نقصان پهچائي رهيو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت آبادگارن جي نقصان جو ازالو ڪري.ايوان زراعت سنڌ جي صدر ميران محمد شاهه چيو ته نئين سال ۾ حڪومت ڪڻڪ جي گهٽ مان گهٽ 2 هزار رپيه في مڻ قيمت مقرر ڪري