اين ايف سي ايوارڊ کي آءِ ايم ايف آڏو گروي رکيو ويو آهي: رضا رباني

ڪراچي :-  پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ کي آءِ ايم ايف آڏو گروي رکيو ويو آهي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رضا رباني جو چوڻ هو ته اسٽيل مل ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ وجود ۾ آئي، ماضي ۾ به اسٽيل مل بحران جو شڪار ٿي، عمران خان چونڊ مهم دوران اسٽيل مل بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم اسٽيل مل جي نجڪاري جي به مخالفت ڪئي، موجودا نجڪاري وارو وزير به وڊيو رڪارڊ رکڻ جو چيو، هنن اسٽيل مل جي نجڪاري ٿي ته مزدورن سان گڏ بيهڻ جو واعدو ڪيو، اسٽيل مل جي نجڪاري جو فيصلو ڪابينا ۾ ٿيو، مشرف دور ۾ به اسٽيل مل وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان کي ناڪامي ملي، هن چيو ته مشرف دور ۾ سپريم ڪورٽ اسٽيل مل جو وڪرو روڪرائي ڇڏيو، اسٽيل مل جي حالت سٺي ناهي ته بغير ٽيندڙ سڪيورٽي نظام نجي ڪمپني کي ڇو ڏنو، 72 لک رپيا ماهوار سڪيورٽي ڪمپني کي ڪئين ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ملازمن کي بقايائون ادا ڪرڻ جي لاءِ پيسا ناهن، ٻين خرچن جي لاءِ رقم ڪٿان اچي رهي آهي، اسٽيل ملڪ جي حوالي حقيقتون پارلياماني ڪميٽي سامهون رکيون وڃن، اسٽيل مل ۾ فوري طور تي سي اي او مقرر ڪيو وڃي، ڪنهن اهڙي شخص کي اهو عهدو ڏنو وڃي جيڪو لاڳاپيل شعبي جو هجي.