ايندڙ ٽن سالن ۾ افغانستان سان ايڪسپورٽ پنج ارب ڊالر تائين وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد: واپار ۽ سڙپڪاري جي مشير عبدالرزاق چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ افغانستان سان ايڪسپورٽ پنج ارب ڊالر تائين وڌڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته حڪومت ان حوالي سان هدف مقرر ڪيو آهي، پاڪ افغان گڏيل واپار ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، گڏيل واپار ۽ غير روايتي واپار شامل آهي، البت ان واپار جي دستاويز بندي جي ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي واپار لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ جدت به ضروري آهي، 2019ع دوران پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ 5.6 ارب ڊالر ۽ ٻه طرفو واپار 1.3 ارب ڊالر رهيو آهي جيڪو 2011ع جي 205 ارب ڊالر جي واپار کان گهٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته هن ئي سال پاڪستان ۽ افغانستان جو غير روايتي واپار 2 ارب ڊالر رهيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل واپار جا وڌيڪ وسيع امڪان موجود آهن