ايف آءِ اي شاهد خاقان جي پٽ کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :- ايف آءِ اي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پٽ کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي جو پٽ عبدالله خاقان عباسي اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي روانو ٿي رهيو هو ته ايف آءِ اي ايميگريشن کيس آف لوڊ ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالله خاقان عباسي اي ڪي 613 اڏام ذريعي دبئي وڃي رهيو هو ۽ سندس نالو نيب جي اسٽاپ لسٽ ۾ هجڻ سبب آف لوڊ ڪيو ويو آهي