creative writing adelaide university university of tampa creative writing creative writing utk pay someone to do my research paper mfa creative writing atlanta good words to use in gcse creative writing uwtsd creative writing oberlin creative writing department creative writing masters hull bed creative writing help writing my essay creative writing my pet parrot

ايشيا جو عظيم عوامي اڳواڻ رسول بخش پليجو

ڀلا ڪنھن کي خبر ھئي تہ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ تي ڳوٺ منگر خان پليجو (نيوات) جنگشاهي جھڙي ننڊڙي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ شخص اڳيان ھلي ڪري بين الاقوامي اڳواڻ مفڪر اديب ڏاھو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو حلالي پٽ استاد رسول بخش پليجو جي روپ ۾ اڀرندو،

پليجو صاحب جنھن ايم.آر.ڊي تحريڪ کان وٺي ڪري سنڌ دشمن ڪالا باغ ڊيم، ذوالفقار آباد ۽ سنڌ ڌرتيءَ خلاف ٿيندڙ هر ھڪ سازش کي ناڪام بنائڻ ۾ ڀرپور مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو،

پليجي صاحب جي جرئتمنديءَ حوصلو ۽ للڪار دشمن جي لاء حقيقي دليل ھوندي ھئي،

سنڌ جي مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ ھن شخص گھڻيون تڪليفون ۽ جيل برداشت ڪيا پر ھن جو حوصلو بجاء گھٽ ٿيڻ جي اڃان وڌي ويو،

حقيقت ۾ اگر اڄ پليجو صاحب زندھ ھجي تہ شايد سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن تي ڪير بہ ميري اک سان ڏسي نہ سگهي ھا، گڏوگڏ جيڪا جرئتمنديءَ ۽ حقيقي ڪردار پليجو صاحب ادا ڪري ھا اھا تاريخ ۾ سونھري الفاظن ۾ لکي وڃين ھا،

سنڌ جي ھر ننڊي وڏي مسئلي تي سنڌ جي مظلوم عوام سان بيھي ڪري انھن جي ڏک کي پنھنجو ڏک سمجھي ڪري جنھن انداز سان پليجي صاحب ظالم حڪمرانن ۽ وقت جي فرعونن کي للڪاريو ان جو مثال نٿو ملي،

پليجو صاحب پنھنجو جيڪو فڪر ڇڏي ويو آهي اگر سنڌي قوم ۽ سندس فڪر تي ھلندڙ ان تي مڪمل عمل ڪن تہ شايد وقت جا قارون ڀلي ڪيتريون بہ سازشون ڇو نہ ڪن پر اھي ڪڏھن بہ پنھجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي ذري برابر بہ نقصان ڏيئي نہ سگھندا،

۲۰ جنوري ۲۰۲۱ تي پليجي صاحب جو ۹۱ جنم ڏينهن آهي،

پليجو صاحب جي جنم ڏينهن جي تقريب سندس آخري آرامگاهه ۽ سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ رکي ويئي آهي ان موقعي تي پليجي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا آئون سمجھان ٿو تہ سنڌ سان محبت رکندڙ ھر شخص کي سنڌ جي عظيم ڏاھي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گھرجي ڇو تہ پليجو صاحب سنڌ ڌرتيءَ سان ايتري محبت ڪندو ھو اگر اھا بيان ڪجي تہ شايد محبت بيان ڪرڻ لاء الفاظ گھٽ ٿي نہ پوندا پر پليجي صاحب جي سنڌ ڌرتيءَ سان ڪيل محبت گھٽ نہ ٿي سگھندي.

پاران عبدالقادر شيخ :- يو.سي جنگشاهي ضلعو ٺٽو سنڌ