ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: – ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي لاءِ 25 لک ڊالر ٽيڪنيڪي گرانٽ منظوري ڪئي آهي.اي ڊي بي جي پڌرائي موجب منظور ڪيل گرانٽ مان پنجاب جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ زرعي شعبي کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان بهتر بڻايو ويندو ۽ زرعي شين جي بهتر مارڪيٽنگ ڪئي ويندي.ان کان پهرين گذريل مهيني ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي طرفان سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ 7 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ ئي ايشيائي ترقياتي بئنڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي به منظوري ڏني هئي.