ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ 20 لک ڊالر امداد منظور

منيلا:- ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 20 لک ڊالر جي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان پاڪستان کي اِها رقم ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ڏني وئي آهي.واضح رهي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ ( اي ڊي بي) سڄي دنيا ۾ پکڙيل وبا ڪورونا وائرس جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان کي فوري طور تي 5 ڪروڙ ڊالر امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو.