ايس ٽي پي جَي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي هٿياربندن جِي فائرنگ ۾ قتل

حيدرآباد :- ٽنڊو الهيار ڀرسان قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل ايس ٽي پي جَي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي زخمن جِي سٽ نه سهندَي ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هٿياربندن جِي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد الطاف جسڪاڻي کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو هو، ايس ٽي پي واقعي تي 10 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪندي سڀاڻي صوبي ۾ پرامن هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. سول اسپتال حيدرآباد ۾ موجود ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته الطاف جسڪاڻي کي اغوا ڪرڻ بعد کيس گوليون هنيون ويون، حملو سوچيل سمجهيل سازش آهي، لساني تنظيم ملوث ٿي سگهي ٿي.