ايران ۾ ڪورونا وائرس سان هر 10 منٽن ۾ هڪ شهري جي موت

تهران: ايران جي صحت واري وزارت موجب ايران ۾ ڪورونا وائرس سان هر 10 منٽن ۾ هڪ شهري جي موت واقع ٿي رهي آهي.ايران جي سرڪاري خابرو اداري موجب صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تقريبن هر هڪ ڪلاڪ ۾ 50 ايراني شهري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.ترجمان پنهنجي ٽوئٽ ۾ ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن سال نئين سال جو تهوار نوروز به گهرن ۾ ملهائين.ياد رهي ته ايران ۾ ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙن جو انگ 1135 ٿي ويو آهي.ايران جي صحت واري ڊپٽي وزير علي رضا رئيسي موجب گذري24 ڪلاڪن دوران 147 شهري فوت ٿيا، جڏهن ته 1192 نوان ڪيس به سامهون آيا، جنهن کانپوءِ ايران ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 17 هزار 316 ٿي ويو آهي.ياد رهي ته ايران ڪورونا وائرس سان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ ٻن لکن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جن مان 84 هزار مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن.