ايران مان ٽماٽن جون ٽرڪون پاڪستان پهچي ويون

ڪراچي :- ايران مان ٽماٽن جون ٽرڪون پاڪستان پهچي ويون ، اڄ کان قيمت ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي ويندي. حڪومت 4 هزار 5 سئو ميٽرڪ ٽن ٽماٽا پرڏيهه مان گهرائڻ لاءِ اجازت ناما (پرمٽ) جاري ڪيا آهن. فروٽ اينڊ ويجيٽيبل ايسوسئيشن جي پيٽرن ان چيف وحيد احمد جمعي ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان حڪومت پاران 4 هزار 5 سئو ميٽرڪ ٽن ٽماٽا ٻاهران گهرائڻ لاءِ پرمٽ جاري ڇڏيا آهن جڏهن ته ٽماٽن سان ڀريل ڪجهه ٽرڪون پاڪستان ايران سرحد تي پهچي ويون آهن جيڪي ضابطي جي ڪارروائي بعد ڇنڇر ڏينهن (اڄ) پاڪستان جي مختلف ڀاڄي مارڪيٽن ۾ پهچي وينديون جنهن بعد ايندڙ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مقامي مارڪيٽن ۾ ٽماٽي جون قيمتون گهٽجڻ شروع ٿي وينديون..هن ٻڌايو ته ڪوئيٽا جي 7 ڪمپنين کي ايران مان ٽماٽا امپورٽ ڪرڻ لاءِ پرمٽ جاري ڪيا ويا آهن. وحيد احمد جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايراني ٽماٽو ڇنڇر (اڄ) کان بازار ۾ پهچي ويندو ۽ ٽماٽي جي سپلاءِ بهتر ٿيڻ سان ان جي قيمت گهٽجڻ شروع ٿي ويندي.