ايران جي صحت واري نائب وزير ۽ پارليامينٽ ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

تهران : ايران ۾ صحت واري نائب صدر ۽ پارليامينٽ جي ميمبر ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي.ايران جي پارليامينٽ جي ميمبر محمد صداوسيما پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته مون ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي اميد ناهي ته آئون وڌيڪ عرصو زندا رهي سگهندس.ان کان سواءِ صحت واري نائب وزير محمود سدُيگي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن کي ڪورونا وائرس سان متاثر ڏيکاريو ويو آهي. ڄاڻايل وڊيو ايران جي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪئي وئي.صحت واري وزير جي ترجمان ڪيانوش جهان پور ٻڌايو ته شڪي ماڻهن مان 35 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي ۽ وائرس جي انفيڪشن سان 2 ماڻهو مارجي ويا آهن.هن ٻڌايو ته مجموعي طور تي 95 ماڻهو ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيا آهن. ايران جي حڪومت سموري ملڪ ۾ ڪنسرٽ ۽ فٽبال ميچن تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ڪيترن ئي صوبن ۾ اسڪول ۽ يونيورسٽين کي به بند ڪري ڇڏيو.