اياز گل جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت ويچارَ :- جامي چانڊيو

متحرڪ رومانس جو جديد شاعر – اياز گل!
(اياز گل جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت ويچارَ)
جامي چانڊيو
زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻين ماڻهن سان مليو آهيان. هر ماڻهو حيرت جو هڪ جزيرو آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ انيڪ جَهانَ کنيو گهُمي. ڀلا ماڻهو، ڍِلا ماڻهو، ماکيءَ لارَ مِٺا ماڻهو، لاڻين جيان ٻاڙا ماڻهو، ڪي ته نِسورو زهر ٽُوههَ ماڻهو- ڪي دلبر ماڻهو، ڪي سياري جي اُسَ جهڙا هر پل وڻندڙ ماڻهو، ڪي ڏاها ماڻهو، ڪي ته وري عقل ۽ مَتِ جو سراپا انڪار ماڻهو، ڪي ماڪَ جهڙا شبنمي ماڻهو ته ڪي نِسوري باههِ. ڪي پڪل پيرونءَ جهڙا چَسَ ڀريا ماڻهو ته ڪي ….‘آخِ ٿُو’ ڄڻ نِڙي وٺـندڙ کَٽا ٻيرَ! ڪائنات ۾ جيترا رنگ آهن، جيترا ذائقا ۽ موسمون آهن، ماڻهوءَ جا قسم به صفا اوترا. اوائلي يوناني فلسفي ۽ سائنس ڪائنات جا چار بنيادي عنصر ڄاڻايا يعني پاڻي، باهه، مٽي ۽ هوا ۽ پوءِ ڪنهن چيو ته دنيا ۾ ماڻهو به انهن ئي عنصرن مان ٺهيل ۽ چئن قسمن جا آهن. مان سمجهان ٿو ته ايئن ناهي. انساني سڀاءَ ڪائنات جي هر رنگ، انگ ۽ مزاج مان پنهنجي پنهنجي پتي ڳولي کنئي آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ انهن مان ڪو هڪ عنصر نمايان ته ڪنهن ۾ مختلف ۽ متضاد عنصرن جو ميلاپ، جنهن صفت کي سچل ڪيڏي نه حَسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته “آهي يارُ ته منهنجو هِينئَن، ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن!” اياز گل پنهنجيءَ قدآور شخصيت کي هن مختصر ترين بحر جي هڪ شعر ۾ ڇا ته اظهاريو آهي، چوي ٿو:
شخص هُو نِرالو آ،
جُونِ ۾ جهُڙالو آ.
اسحاق انصاريءَ چواڻي جيئن “جون جي گرم مهيني ۾ جهُڙَ جو تصور، ڏاڍو خوشگوار، آٿت ۽ سڪون ڏيندڙ آهي” تيئن هن ڪروڌي ۽ ڪوجهي سماج ۾ اياز گل جو وجود سچ پچ به جهُڙالي موسم جيان وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي.
هن بيحد متحرڪ زندگيءَ ۾ منهنجو تعلق به هر قسم جي ماڻهن سان ۽ هر سطح تي رهيو آهي. جيترا ماڻهو سُٺا ۽ تلخ؛ تجربا به اوترا، پر جي انسان جي انهن سمورن قسمن کي گڏائجي ته به ٻه قسم ته ضرور جُڙن ٿا- هڪڙا جن سان ملي دل خوش ٿئي ۽ ڏُکندو ڏُور ٿئي ۽ ٻيا جن سان ملي، اُٿي ويهي دل بي اختيار چوي ته جيڪر ساڻن نه ملجي ها ته بهتر هو. جيئن اياز گل چيو آهي ته:
هو شخص، ڪيڏي نه بدبُو هيس خيالن ۾،
سڄو وَڳو ئي هيو جنهن جو سينٽ سان مهڪيل.
ان جي اُبتڙ منهنجو پيارو دوست سنڌيءَ جو بيحد خوبصورت شاعر اياز گل به اهڙن ماڻهن منجهان آهي، جن سان جڏهن به ملبو آهي، روح کي راحت ئي ملندي آهي. هن جي شاعري پڙهو، هن سان مِلو، ڪچهري ڪريو، ماڻهوءَ کي ڪنهن ازلي پنهنجائپ، لطيف مزاج ۽ خوشگوار ڪيفيتن جو احساس ملندو. ڪيترن پَرپُٺِ ڄاتل ماڻهن سان ملبو آهي ته ٻه امڪان هوندا آهن- يا ته ماڻهوءَ جو مشاهدو ۽ تجربو سندس تصور جي نَفي ڪندو آهي جو ماڻهو ٻُڌڻ ۾ ٻيا ۽ تجربي ۾ وري بِنهه مختلف ثابت ٿيندا آهن پر ڪن پَرپُٺِ ڄاتل ماڻهن سان ملبو آهي ته احساس ٿيندو آهي، ساڻن ملڻ ۾ ايڏي دير ڇو ٿي؟ خوشگوار تجربن جهڙا ماڻهو. منهنجو ناهي خيال ته اياز گل سان ملي ڪنهن به ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ ڪو وڻندڙ احساس نه ٿيو هوندو. هو ماڻهو ئي اهڙو آهي. هن جي شخصيت ۽ هن جي لکيل غزل ۽ لطيف واين ۾ ڪو فرق ناهي. اياز گل جو غزل هجي ۽ توهان کي نه وڻي؛ اهو ممڪن ناهي ۽ اياز گُلَ سان رِهاڻ يا دوستيءَ جو تعلق ڪنهن کي ڳرو يا بُرو لڳي؛ اِهو اڻ ٿيڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جو هڪ هردلعزيز ماڻهو آهي.
هڪ ڀيري مون کي پاڻ ياد ڏياريائين ته ساڻس منهنجي ملاقات قمبر ۾ 1996ع ۾ علي آڪاش جي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ٿي هئي. ان تعلق کي ٻه ڏهاڪا گذري چڪا آهن. هاڻي هن سان محبت جو سُٻنڌُ آهي ۽ هن جي شاعريءَ جو مان سدائين مداح رهيو آهيان. منهنجي ڪهڙي مجال – هن لاءِ ته سنڌي غزل جي باڪمال شاعر ۽ ايم ڪمل چيو هو ته:
“سنڌي غزل جي حوالي سان اياز گل منهنجي پسند جو شاعر آهي.”
يا وري ارجن حاسد هن لاءِ لکيو ته:
“اياز گل کي ڏسي ۽ وري سندس ڪلام پڙهي، ڏاڍي دل ٿيندي آهي ته هن جي پياري شخصيت بابت ڪجهه ٿورو ئي لکي، پاڻ کي تسڪين ڏيان. اياز گل سُٺو شاعر آهي، مان به ان جو فين آهيان. هن کي پڙهندو آهيان ته ڏينهن گذري ويندو آهي.”
اياز گل هونئن ته پنهنجي ٽهيءَ جي چند مُک شاعرن مان هڪ آهي، جن ۾ هن کانسواءِ ڊاڪٽرآڪاش انصاري، حليم باغي، ادل سومرو ۽ ڪجهه ٻيا اچي وڃن ٿا پر رومانوي شاعريءَ ۾ ۽ ان ۾ به غزل جي صنف ۾ هو پنهنجي سموري ٽهيءَ ۾ اڪيلو ئي قدآوار شاعر آهي. جيتوڻيڪ اياز گل هر صنف تي ڪامياب طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هن جون وايون به بيحد خوبصورت ۽ موهيندڙ آهن پر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ چواڻي ته بنيادي طور “هن نارائڻ شيام وانگر غزل سان لنوَ لاتي آهي.” غزل جي صنف ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ اوپري ضرور هئي پر اُها صنف خليفي گل هالائيءَ، سانگيءَ، شيخ اياز، نارائڻ شيام، فانيءَ، ايم ڪمل، وفا ناٿن شاهيءَ ۽ استاد بخاريءَ کان ٿيندي، اياز گل جي ٽهيءَ تائين ڪا اوپري صنف نه رهي هئي. ان سموري دور ۾، جڏهن سنڌي غزل روايتي تغزل ۽ تُڪبنديءَ، ڪافيه پيمائيءَ يا رڳو رديف جي ورجاءُ کان فڪري جدت ۽ سنڌيت ڏانهن سفر ڪيو ته ڪنهن شاعر لاءِ ان صنف ۾ ايئن اُٿي بيهڻ ڪا سولي يا معمولي ڳالهه ڪونه هئي، جيئن شيخ اياز کانپوءِ جي ٽهيءَ ۾ وفا ناٿن شاهيءَ کانپوءِ اياز گل غزل جي صنف ۾ پاڻ کي هڪ منفرد شاعر طور سامهون آڻي بيهاريو. اياز گل جو ڪمال اِهو هو ته هن جي شاعريءَ ۾ روايتي تغزل ته گهڻو ڪونه هو پرهن تغزل کي روشن خياليءَ ۽ جديد رومانويت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو پر هن جي رومانويت روايتي فارسيءَ ۽ اردو غزل يا انگريز دور توڙي پنجاهه ۽ سَٺِ جي ڏهاڪن تائين جي روايتي سنڌي غزل جي تتبع تي ناهي. ان ۾ هن جو باوقار منفرد رنگ آهي. هو چوي ٿو:
نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻ تي دل چاهي،
پاڻيءَ تي ٿي پيرَ ڌرڻ تي دل چاهي.
هن جو غزل ايئن زندگيءَ جي درياهه ۾ دل جا پيرَ پاڻيءَ تي ڌرڻ جي هڪ حُسناڪ ۽ تخليقي ڪوشش آهي. هو پنهنجي هڪ غزل ۾ چوي ٿو:
شهر ۾ ڳوٺ ۾، واهڻَ ۾، هوءَ ملي ئي نه ٿي،
ڪٿي ڪٿي نه ٿو ڳوليان مان، زندگي اڄڪلهه.
هن جي شاعري هر هنڌ ان زندگيءَ جي ڳولا جو احساساتي، جمالياتي ۽ فني اظهار آهي. رومانويت اياز گل جو سڀاءُ، هن جو مزاج، هن جي روِش، هن جو خواب، هن جي ڳولا، هن جي جماليات، هن جي خاموشي، هن جو اظهار، هن جو پيار، هن جي سارَ، هن جو هِجر، هن جو وصل، هن جو آدرش، هن جي تصور جي دنيا جو نالو آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اياز گل جي رومانويت جو دائرو ڏاڍو وسيع آهي. ماڻهو، سرڳ، ڌرتي، آدرشَ، قومَ ۽ فطرت توڙي لمحن جا لطيف احساس، جُدايون، وصل ڏانهن کڄيل وِکون– اِهي سڀ سندس همه گير رومانويت جا رنگ ۽ استعارا آهن. جتي هو چوي ٿو:
توکان وڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي؟
دربدر پنهنجا رڳو سپنا ڪندي!
يا هو چوي ٿو:
تيز ڄڻ برساتِ جيان، هوءَ ڇوڪري،
هيءُ، ڪچي ديوار جِيان ڀُرندو رهيو.
*

هڪڙو تون ئي منهنجو ٿي وَڃُ،
سڀ سنسار، نٿو گهرجي!
*

منهنجو نالو ئي سَکي! وِسري وَئي،
گُلَ ڪتابن ۾ رکي، وِسري وَئي.
هن شعر ۾ پنهنجي تخلص کي گُل جي صيغي ۾ استعمال ڪرڻ ۽ سکيءَ جي يادن جي دفتر کي ڪتاب سان تشبيهه ڏيڻ ڪيڏو نه وڻندڙ ٿو لڳي.
ساڳئي وقت اياز گل پنهنجي خيال، احساس ۽ رومانويت جو دائرو هينئن به وسيع ٿو ڪري:
اُجاڙ گهَر جي ڪَٻٽَ جو، ڪتاب ٿي ويندين،
جي خواب ڏسندين نه پيارا! ته خواب ٿي ويندين.
يا هو شعر ۾ فن جي مقصديت کي اهميت ڏيندي چوي ٿو:
ڪنهن چهري تي، ڪارا ليڪا پائڻ کان،
سمجهان ٿو ته بُرش ڀڃڻ ئي بهتر آ.
يا ٻئي هنڌ چوي ٿو:
ڪو جي مقصد نه ٿي ته پوءِ جيون!
ڄڻ ڀڳل ڪنهن جُتيءَ جيان آهين.
اياز گل جي رومانويت جو ڪمال اهو به آهي ته ان ۾ لطيف احساس ته جاڳن ٿا پر مجموعي طور نِراسائي يا قنوطيت جو غالب رنگ نه ٿو ملي، جيئن عام طور غزل جي صنف ۾ اهو لاڙو عام هوندو آهي. هن وٽ وڇوڙي، اُداسيءَ ۽ ويڳاڻپ جا احساس به آهن پر اُنهن جو تاثير قنوطيت پسند يا دل جهوريندڙ ناهي پر هڪ لطيف احساس جيان احساسن جون لهرون پيدا ڪندڙ آهي. هن جي رومانويت به متحرڪ آهي ته شعر۽ شعور به. سندس هيءُ خيال ۽ ان جو نفيس اظهار ڏسو:
اڳتي اڳتي پارَ، ڏسڻ ئي بهتر آ،
هن سوچيو، هُن پار وڃڻ ئي بهتر آ.
واههَ-ڪناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو،
بيهڻ کان سئو وار، وَهَڻ ئي بهتر آ.
وڻ جي هڪ هنڌ بيٺل جامد احساس جي واهڙَ جي وهندڙ پاڻيءَ سان نسبت جوڙي، وَڻَ جي احساس جي صيغي ۾ تحرڪ جو تصور ڪيڏو نه انوکو ۽ وڻندڙ آهي. ايئن اياز گل جي سموري شاعري لطيف احساس، تصوراتي ۽ معنويت سان ڀريل منظر، نيون شاعراڻيون ترڪيبون ۽ رومانويت جو نئون ۽ زندگيءَ جي احساس ۽ ان ۾ بي پناهه ويساهه سان ڀرپور رنگ هن کي هڪ منفرد ۽ خوبصورت شاعر طور پڌرو ڪري بيهاري ٿو.
رومانوي شاعري سڄيءَ دنيا ۾ ٿي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي روايت پڻ ان حوالي سان وڏي شاهوڪار آهي. اياز گل جو ڪمال اِهو اهي ته هو منظر، عڪس، تشبيهون، علامتون، استعارا ماضيءَ بدران موجود ماحول ۽ زندگيءَ مان کڻي ٿو اچي پر انهن عنصرن جي تخيل ۽ احساسن سان آميزشن ڪري اهڙي ته سادي اسلوب ۾ پيش ٿو ڪري جو پڙهندڙ کي اُها پنهنجي حقيقت ٿي ڀاسي. مثال طور سندس هي ڪجهه شعر ڏسو:
سانئڻ تنهنجو هرڪو وعدو،
سرڪاري اعلان جيان آ.
*

ٽائرن جا گِهرا ليڪا، تيز رَڙِ!!
روڊ تي چِٿجي وئي آ زندگي.
*

رات اوهان جي ياد اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي،
ڪونڀٽ کي جيئن بيٺو ٿوهر ڀاڪر منجهه ڀري.
ڪُونڀٽَ ۽ ٿُوهرَ جي رومانس جي تشبيهه بيحد انوکي آهي. اهڙيءَ طرح اياز گل جي ميارَ جو اندازو ڏسو:
هڪ برو بس اسان جو گهر آهي،
تنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي!
يا سندس هي ڪجهه شعر ڏسو:
تنهنجي پيرن ۾ هئي لڳل ميندي،
منهنجي گهر جا ته ها کُليل رستا.
*

تنهنجي نيڻن کان معتبر ناهن،
ڪنهن مقدس ڪتاب جا صفحا.
*

ڪيئن هڪٻئي کي سهارو ڏيون ها،
هڪ ئي وقت ڪِرياسين تون ۽ مان.
*

توسان آهي ته پوءِ بدلبو ڪيئن؟
پيار آهي پرين! وڳو ناهي.
*

هو ايئن هو دارَ سان ٻَکجي ويو،
ڄڻ پرينءَ جي سارَ سان ٻَکجي ويو.
*

تاريخن ۾ ڪين ٿي گهرجي،
تنهنجي دل ۾ جاءِ کپي.
*

دل ۾ اُڌما صدما، معنيٰ رکندا هِن،
ٻارن لاءِ رانديڪا، معنيٰ رکندا هِن.
*

روز ملندا رهون ته بهتر آ،
فاصلا فاصلا وڌائين ٿا.
*

يادگيريون سنڀال ڪم ايندءِ!
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندءِ!

هن کان پڇجانءِ، ‘گڏ هلي سگهندينءَ؟’
هڪڙو ننڍڙو سوال ڪم ايندءِ!
ماڻِ لمحا ملڻ جا پر دل ۾،
ڪي جدايون به پالِ ڪم ايندءِ!

*

هيڏيءَ تکيءَ اُس۾
ڪچن رنگن سان
ڇا لاءِ تون نڪتين پرين!؟

معصوم جوانيءَ جي نِڪور احساسن کي ڪَچن رنگن سان تشبيهه ڏيڻ ۽ زندگيءَ جي بي رحمين کي تِکيءَ اُس سان ڀيٽڻ ڪيڏو نه وڻندڙ آهي. ايئن مٿي ڏنل هر شعر بظاهر بيحد سادو پر جدت سان ڀرپور، نين ترڪيبن مان اُڀريل ۽ نون موضوعن سان سامهون اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اياز گل جي شاعري ڪڏهن به پاروٿي يا اڳ ئي پڙهيل هجڻ جو احساس نه ٿي ڏياري. نه ته اڪثر شاعرن جي شاعري پڙهجي ٿي ته لڳندو آهي اُها اڳ ئي ڪٿي پڙهيل هجي. ورجايل خيال، علامتون ۽ ترڪيبون بار بار سامهون اينديون ته يقيني طور اهڙو ئي احساس اُڀرندو.
لمحاتي رومانس جو اظهار هو هڪ هائيڪي ۾ ڪيئن ڪري ٿو:
آفيس مان ايندو
ٿڪجي پئي هوندينءَ تون!
چُمي ڏئي چوندو.
هن بيتَ ۾ سندس خوبصورت اظهار ڏسو:
تو در ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وِجهان هيرَ،
منهنجا ميرا پيرَ، اڱڻ تنهنجو اُجرو.
سندس اهڙين شاعراڻين خوبين جي ڪري ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کيس رومانس جو انقلابي شاعر سڏيو هو. جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته اياز گل جي شاعريءَ لاءِ انقلابيت جو تاثر درست ناهي، هن کي متحرڪ رومانس جو جديد شاعر سڏي سگهجي ٿو. شايد ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ به انقلابي لفظ کي متحرڪ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي پر حقيقت ۾ تغير ۽ انقلابيت ۾ وڏو بنيادي فرق آهي ۽ اياز گل پنهنجي بنيادي جوهر ۾ انقلابي شاعر نه پر رومانوي شاعر آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اياز گل جي شاعري انقلابي نه سهي پر بامقصد ضرور آهي. هن جي اَکِ رومانوي ضرور آهي پر ساڳئي وقت هو سماج تي سوچي ٿو، بي انصافين تي لُڇي ٿو، پنهنجي دور جا اَهنجَ محسوس ڪري ٿو ۽ ان لاءِ نه رڳو لطيف احساس اُڀاري ٿو ۽ انهن جي متحرڪ عڪس بندي ڪري ٿو پر انهن لاءِ ڪٿي ڪٿي تدبيرون ڏيندي به نظر اچي ٿو، جيڪو عام طور رومانوي شاعر ناهن ڪندا. ان حوالي سان اچو ته سندس هي شعر ڏسون:
اُڀ ۽ ڌرتي مليا اُفق وٽ،
ماريو- ڪارو ڪاري آهي.
*

پيٽ بُکيي لئه هڪڙي ماني،
سُرڳَ جيان، ڀڳوان جيان آ.
*

ديس به وِڪڻي ايندا آهن،
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو.
*

رات ڪاري اڃا کُٽي ناهي،
تو ڇو ڏياٽيون اڳي اُجهايون هن؟
*

موت جي ڪيڏي ڀرتي آهي،
پنهنجي پاڇي کان ڇرڪان ٿو،
ڇا هيءَ منهنجي ڌرتي آهي؟
*

ڏاڍن جا ڏهڪاوَ، لٿا ڄاڻ ته ڏيهه مان،
اڳتي وڌو، ڪُوڙ جا، اجهي ڪِريا ڪوٽَ،
ماڳ پُڄي پوءِ موٽَ، مِهڻو کڻجو ڪينڪي.

ايئن هن جي محسوسات، روايتي رومانوي شاعرن وانگر داخليت تائين محدود ناهي، پر اُها پنهنجي دور جي درد ۽ شعور توڙي اُڀرندڙ حقيقتن سان سلهاڙجي هڪ اهڙو تاثر اُڀاري ٿي، جنهن ۾ اياز گل پنهنجي اندر ۽ پنهنجي دور جي ٻاهر جو گڏيل ترجمان ۽ عڪاس ٿي ڪنهن مصور جيان اُڀري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ ڏٺل عڪس وري نوان لڳن ٿا، ڀوڳيل احساس تازا لڳن ٿا، ۽ اُهي اهڙي ته لطافت سان پيش ٿين ٿا جو پڙهندڙ کي ڀاري نه ٿا لڳن. بس پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ اُنهن ڪيفيتن ۾ ساڻس هم سفر ٿي ٿو وڃي. هڪ انفرادي محسوسات اجتماعي احساس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. جنهن شاعريءَ ۾حقيقت، تخيل ۽ اظهار جي نفاست يا جدت جو اهو امتزاج نه هوندو اُها هميشه ورجايل محسوس ٿيندي، جيئن اردوءَ شاعريءَ ۾ عام طور غزل پڙهندي محسوس ٿيندو آهي. انهيءَ ورجاءُ جو احساس اياز گل جي شاعريءَ ۾ نه ٿو ملي. ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس شاعريءَ کي مٿي بيان ڪيل خوبين جي ڪري بار بار “ذاتي شاعري” ڪوٺي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سندس شاعري صرف ذاتي شاعري هجي ها ته پوءِ هُو اهڙو همه گير تاثر پيدا نه ڪري سگهي ها ۽ سندس پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ ساڻس گڏ ايئن خيال ۽ احساس جو سفر نه ڪري سگهي ها. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شايد ذاتي شعر سندس اسلوب ۽ عڪس بنديءَ يا اظهار جي انفراديت جي معنيٰ ۾ چيو آهي، جيڪا ڳالهه ان حوالي سان درست لڳي ٿي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾ تخاطب گهڻو آهي. ڪٿي اهو خودڪلاميءَ جي صورت ۾ شاعر پاڻ سان ٿو ڪري، ڪٿي محبوب سان، ڪٿي احساس سان، ڪٿي خيال سان، ڪٿي منظرن ۽ ماحول سان، ڪٿي حقيقت کان فرار سان، ڪٿي منزل سان، ڪٿي راهه سان، ڪٿي سفر سان ۽ ڪٿي زندگيءَ ڏانهن کڄندڙ قدم سان ۽ ڪٿي احساس جي تجريديت جي عدم سان پر تخاطب هن جي شاعريءَ جو خاص عنصر آهي ۽ اُهو تخاطب مختلف به آهي ۽ متحرڪ به آهي. اهو تخاطب سندس مٿي ڏنل شعرن مان چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو.
شاعريءَ جي هڪ سونهن اِها به هوندي آهي ته اُها ڪتابن ۾ بند نه هجي پر ماڻهن جي دلين ۾ لهي ۽ عرفِ عام بڻجي. ماڻهن جي دلين ۾ شاعري تڏهن محفوظ رهندي ۽ اثر ڪندي، جڏهن اُها گهڻي ڀاڱي ڳائبي ۽ ڳائڻ ۾ تاثير اُها شاعري پيدا ڪندي، جيڪا لئه، موسيقيت ۽ غنائيت سان سرشار هوندي. ان لحاظ کان اياز گل جي ٽهيءَ جا ٽي شاعر سنڌ ۾ بيحد مقبول رهيا- يعني هو پاڻ رومانوي شاعريءَ جي نسبت سان، ڊاڪٽر آڪاش انصاري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان ۽ حليم باغي قومي شاعريءَ جي مزاج سبب. هن ٽهيءَ جا اِهي ٽئي شاعر سنڌ ۾ نه رڳو گهڻو ڳايا ويا، ماڻهن ۾ مقبول ٿيا پر سندن ڪي ئي سِٽون ٻوليءَ جي شاعرانه محاورن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ شاعريءَ جي اهڙي مڃتا گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي. ان ڏس ۾ اياز گل جي حوالي سان سندس ئي ٽهيءَ جو هڪ ٻيو شاعر نصير مرزا لکي ٿو:
“آئون ڀانئيان ٿو ته ان جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي اياز گل جي غزل جو دلفريب اسلوب، ننڍن بحرن جي چونڊَ، خيال جي دل آويزيت، لفظن کي سٽاءُ ۾ پيش ڪرڻ جو سليقو، وقت ۽ حالتن سان جُڙيل استعارن ۽ تشبيهن جي درست ۽ چُست ادائگي ۽ هتي پوريءَ پڪ سان ٿو چوان ته شيخ اياز ۽ وفا ناٿن شاهيءَ کانپوءِ، هيءُ منهنجو دوست اياز گل ئي اهڙو شاعر آهي، جنهن جي غزلن جا ڪئي هر واسي شعر، انهن مٿين خوبين باعث، آئون هتي ڪنهن ڊائريءَ يا ڪتاب مان نه، پنهنجي حافظي مان پيو مثال پيش ڪريان: “ڏک جي نه پُڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ، “هوءَ به ان جي ئي ٿي ويندي، جنهن وٽ بنگلا ڪارون آهن”، “هڪ بُرو بس اسان جو گهر آهي، تنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي”، “ڇوڪري ته ناهي هوءَ، شاهه جو رسالو آ”، “چور ٿيا آهن وري تَرَ جا، بند رکجو سڀئي درَ گهر جا”، “روز ملندا رهون ته بهتر آ، فاصلا فاصلا وڌائن ٿا”، “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي، ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي”….. وغيره.
سنڌ ۾ اهڙو ڀاڳ به گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيو هوندو، جو ڪنهن شاعر هڪ ئي وقت پنهنجي سينيئر ٽهيءَ کان ويندي پنهنجي هم عصر شاعرن يا پاڻ کان پوءِ ايندڙ شاعرن کي ساڳئي وقت هڪ جيترو موهيو هجي. ان خوبيءَ اياز گل کي گذريل چئن ڏهاڪن کان هر ٽهيءَ جو معتبر ۽ پسنديده شاعر بڻائي ڇڏيو آهي. هند جو مقبول نوجوان سنڌي شاعر شريڪانت “صدف” هن لاءِ چوي ٿو ته:
“اياز گل انهن پهرين شاعرن مان آهي، جن مون کي اُها شاعري ميسر ڪري ڏني، جنهن شاعريءَ جي، سنڌيءَ ۾ مون کي ڳولها رهي هئي. سنڌ ۽ هند جي عظيم ترين شاعرن سان گڏ، اياز گل به آهي، جنهن مون ۾ پنهنجي ڪشور اوسٿا (Teen Age) ۾ شعر چوڻ لاءِ شوق جاڳايو. مان عاشقاڻي ۽ ترقي پسند شاعري ننڍپڻ کان پڙهي آهي پر مها نگر جي پس منظر تي بيٺل خاص رومانٽڪ شاعري مون کي هن وٽان ملي.”
هن جا ڪجهه هي شعر ڏسو:
ماڻهو جيڪي قرار چاهين ٿا،
زندگيءَ کان فرار چاهين ٿا.
هتي هو زندگيءَ جو محرڪ فرار يا منزل کي نه پر ڳولا ۽ پنڌَ جي اُڻ تُڻ ۽ بي چينيءَ کي ٿو سمجهي. اهو زندگيءَ جو لطيفي تصور آهي، جيڪو اياز گل هن شعر ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ هو زندگيءَ جي پنڌ ۾ “قرارَ” کي حاصلات نه پر جستجوءَ کان “فرار” ٿو سمجهي.
غزل ۾ عام طور خيالَ جو تسلسل نه هوندو آهي جو هر بند پاڻ سان نئون خيال کڻي ايندو آهي، اِها غزل جي صنف جي خوبي به آهي ته ڪمزوري به، اها ساڳي ڳالهه بيت يا ڏوهيڙي تي به لاڳو آهي پر لطيف سائينءَ سميت وڏن ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن بيت کي مسلسل بيت جي هنرمنديءَ سان جيڪو خيال جو تخليقي تسلسل ڏنو آهي، اياز گل به اهڙا تجربا غزل جي صنف ۾ انيڪ جاين تي ڪيا آهن، مثال طور:
اَنڌي، ٻوڙي ٿيندي آهي،
گولي ڪو سوچيندي آهي؟

آباديون ڀڙڀانگ ڪندي آ،
بربادي آڇيندي آهي.
سينن سان گڏ آسون، خوشيون،
سپنا ڀي چيريندي آهي.
نعرا نوحا ٿي ويندا هن،
رات جڏهن ڀي، ايندي آهي.
جنگ پُڄاڻان سالَ ڪي ڌرتي،
مُرڪن کي ڳوليندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن چُپ چاپ شهر ۽،
ويراني ٻوليندي آهي.
مرهم جي نالي ۾ دنيا،
ڦَٽَ سوين کوليندي آهي.
ڏات پَني سان هوريان هوريان،
پيئي سُورَ سليندي آهي.
نفيس ۽ لطيف احساس اياز گل جي شاعريءَ جي سونهن آهن، سندس هن غزل جا ڪجهه بندَ ڏسو!
ٿوريءَ دير ۾ ڏسجو، مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي!
منهنجيءَ ذاتَ جو هڪڙو حصو، ڌارَ هي ريلَ ڪندي.
ميگههَ ملهار ٿيڻ ڏيو ٿَر تي، ان کان پوءِ ڏسبو!
ڇا ڇا مورُ ڪندو مستيءَ ۾، ۽ ڇا ڊيلَ ڪندي.
جڳَ جي ريتن، رسمن پاران، جنگ جڏهن لڳندي،
روحن تي راتاها لڳندا، جذبا ڀيلَ ڪندي.
تون هوندينءَ ساڻ مِٺي! پوءِ رُتِ بَسنتي ڀِي،
اڳي نه اهڙا ويسَ ڪيا هئا، جهڙا هيلَ ڪندي.
رومانويت سان لبريز هن شاعر جو محبوب سان تخاطب جو حَسين انداز ڏسو، چوي ٿو:
لڳي جهانَ جا منظرَ، مُئا پيا آهن،
کڻو نگاهه ته هر چيزَ زندگي ماڻي.
هن جي شاعريءَ ۾ وطن، قوم ۽ ان جي حَسين آئيندي جو رومانس پڻ هن جي مجاز کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. هن جو ڪو غزل، ڪا وائي ان احساس ۽ اظهار کان خالي نه آهي. دلچسپ ڳالهه آهي ته سندس شاعريءَ ۾ قومي ۽ عوامي حوالي کان رڳو بي رحم حقيقتن يا اڻ وڻندڙ حالتن تي ٺلهو پِٽڪو ناهي پر معنويت ڀريا نقطا آهن.
مسيحا! سنڌ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳولِ،
رڳو بيان نه ڏي ۽ رڳو خطاب نه ڪر.
*

توکي گذري توڙي ٿيا هِن، لڳ ڀڳ ٻه سئو سال سچلَ!
اڄ به پنهنجي حالت ساڳي، ساڳيا پنهنجاحالَ سچل!
*

ساڳيون روز مرڻ جون خبرون، ڪارنهن، بدلا، ويڙهه، بُکون،
نئين صديءَ ۾ ايئن ئي جي وياسين، ڪهڙو يارَ ڪمالَ سچل!
اياز گل زندگيءَ کي خوابن ۽ آدرشن کان سواءِ ٻُسو، اجايو ۽ اَڪارج سمجهي ٿو. هو چوي ٿو:
زندگي مقصد بنا آهي ايئن!
گُلَ سُڪل ڄڻ ڪو هجي گلدان ۾.
*

اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽ جو، ڪتاب ٿي ويندين،
جي خواب ڏسندين نه پيارا! ته خواب ٿي ويندين.
سوچَ، دورانديشيءَ ۽ ڏاهپ کان وانجهيل “سونهن” لاءِ چوي ٿو:
ڪنهن سان ڪنهن لاءِ وڙهندين؟ سوچ ته ڪجهه،
بس ايئن مَيلَ ۾ لاٿل آهين!
سندس اِهي شاعراڻيون خوبيون ئي آهن، جن کيس نه رڳو پنهنجن همعصرن ۾ پر پاڻ کان اڳ جي وڏن شاعرن ۽ اديبن ۾ به کيس ساڳي جاءِ ڏني. برک اديب ۽ پارکو لڇمڻ ڪومل هن لاءِ لکيو:
“هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن شاعر وٽ يا ته خيال جي گِهرائي هوندي آهي، يا ٻوليءَ ڊڪشن جي رواني ۽ لئه هوندي آهي پر ڪن خاص شاعرن کي،. جن جي شاعريءَ ۾ ڏات ڏيندڙ لاءِ ڏاتارَ، ڪن سڀاڳين گهڙين ۾ ويهي رچنا ڪئي آهي، ٻنهي نعمتن سان نوازيو آهي. اهڙن شاعرن جي حصي ۾ خيال جي گهرائيءَ سان گڏ خيال جي لئه به سمائجي ويندي اهي ته عبارت ۽ اسلوب جي رواني ۽ سُرن جي سنگت پڻ- اياز گل اسان جي اهڙن ئي خوش بخت شاعرن ۾ پنهنجي جدا جاءِ، درجو ۽ رُتبو ماڻي سگهيو آهي.”
ايئن ڊاڪٽر تنوير عباسي هن کي نارائڻ شيام جو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل روپ ٿو سڏي ته وري جديد سنڌي شاعريءَ جو عظيم شاعر شيخ اياز هن لاءِ لکي ٿو:
“اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي، اُها فارسي بحر وزن جي مشافيءَ تي نه ٿي تَڳي. ان کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نِمُ جي ٻُورَ ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگ آهي، جيڪو پڪلَ پيرُن ۾ ٿيندو آهي…… اياز گل جو نالو منهنجي نالي سان ايئن وابسته آهي ڄڻ منهنجي شاعريءَ جي ٽاريءَ مان ڪو ئي گُل ڦُٽو آهي- مون کي اميد آهي ته اڳتي هلي اُهو ڏِسان ڏَسَ کي پنهنجي سُڳنڌَ سان واسي ڇڏيندو ۽ مون کي هن جي نالي جي مماثلت تي بجا فخر ٿيندو.”
اياز گل جي شاعري تفڪر بجاءِ احساسَ ۽ تصورَ جي شاعري آهي. اها ئي سندس انفراديت به آهي ته ڪمزوري به. اِهو ضروري به ناهي ته هر سُٺو ۽ منفرد شاعر تفڪر تي گهڻو زور ڏئي. تفڪر، تخيل، تصور ۽ مشاهدي مان شاعر پنهنجي مزاج آهر ڪنهن به هڪ يا وڌيڪ عنصرن تي زور ڏئي سگهي ٿو ۽ اياز گل جي سڀاءَ جي ويجهڙائي تفڪر کان وڌيڪ احساسَ ۽ تصور سان آهي، جنهن جو هو پاڻ ئي جواب هينئن ٿو ڏئي:
اُتم، عظيم، نه بهتر، صفا سڌي سادي،
اياز گل جي مِٺا! شاعري رهي آهي.
اِها هن جي شاعراڻي نِهٺائي آهي، جيڪا سندس مزاج ۾ هونئن به آهي، نه ته اياز گل جي شاعريءَ جي اسلوب ۽ ٻوليءَ جي سادگي به حَسين، تخليقي ۽ گِهرائيءَ سان ڳُتيل آهي. اسلوب جي سادگي هڪ سطح تي فن تي بي پناهه دسترس جو فني ۽ ترڪيبي اظهار پڻ هوندي آهي. نه ڏکيو اسلوب عظيم شاعريءَ جي پرک جو ڪو پيمانو آهي ۽ نه وري اظهار ۽ اسلوب جي سادگي شاعريءَ جو تخليقي معيار گهٽائي ٿي. جديد اردو شاعريءَ ۾ اهڙو تجربو ناصر ڪاظميءَ ڪيو هو. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اياز گل ان جو هڪ مثال آهي. پاڻ لاءِ هو چوي ٿو:
روز سوچي، لِکي ۽ ڳالهائي،
هو خطا تي اقتفا ڪندو ٿو رهي.
اياز گل جي دلربا شاعري سندس انهن تخليقي خطائن جو ثمر آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هن جي ان خطاڪاريءَ جو تخيقلي سفر ڪٿي ۽ ڪڏهن به نه رُڪجي!
اياز گل جي هڪ انفراديت اِها به آهي ته هو گهڻو ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ ڦاٿل نظر نه ٿو اچي. هو بنيادي طور حال ۾ جيئي ٿو، حال ۾ سوچي ۽ محسوس ڪري ٿو. هو موجود لمحن ۾ حُسن ڳولي ٿو، موجود ڪيفيتن جي ڪيف کي پيش ڪري ٿو. هن جو ڏک ۽ سُکُ به حال ۾ وجود رکن ٿا، جنهن کي سندس پارکوءَ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هينئن چيو ته:
“اياز گل انهن شاعرن مان سڀني کان اڳرو آهي، جنهن ‘پنهنجي دور’ جي شاعري ڪئي آهي.”
چوندا آهن ته شاعري قومن، طبقن ۽ سماجن جي احساساتي تاريخ هوندي آهي. سڀاڻي جو مورخ اياز گل جي شاعري پڙهندو ته کيس اڄوڪي دور جي محسوسات جا اُهي عڪس ۽ اهڃاڻ نظر ايندا، جن جا پيرا کڻي هو هن دور جي محرڪن کي سمجهي ۽ پروڙي سگهندو. سندس حال ۾ جيئن ۽ محسوس ڪرڻ ۽ ان جي شاعراڻي اظهار جي خوبي اِها آهي ته “ڏک” وٽس ڪا مستقل ڪيفيت ناهي پر اهو به هڪ لمحي ۾ جيئي ٿو ۽ پوءِ ٻين ڪيفيتن ۾ تبديل ٿيو وڃي. مثال طور هو چوي ٿو:
جِيونَ جي آکاڻيءَ ۾ دُکَ،
فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن.
اياز گل جيتوڻيڪ شاعريءَ جي انيڪ صنفن ۾ ڪامياب طبع آزامائي ڪئي آهي پر سندس غزل کانپوءِ ٻي صنف جنهن ۾ هن پنهنجو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، اُها وائيءَ جي صنف آهي. شايد ان ڪري جو غزل ۽ وائي نه رڳو هن جي ٿڌي مزاج جي ويجهو آهن پر غنائيت سان هن جي اظهار جو ڀرپور روپ به آهن. هن جون وايون نه رڳو سنڌ ۾ ڳايون ويون پر بيحد مقبول به ٿيون. مان هتي رڳو مثال طور سندس ٻه وايون ڏيڻ ٿو چاهيان، جن ۾ غنائيت ۽ لئه سان گڏوگڏ خيالَ جي معنويت بيحد وڻندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا موضوع عام طور واين ۾ گهٽ اظهاربا آهن.
ايئن جو وَڄِي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟
هٿَ جو رُڳو اِشارو،
ٽَڙ ٽَڙ ڀَڄِي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟
هلڪو نه ٿيءُ ايڏو،
سڀ کان کَڄِي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟
وِڙُهه، ويڙههِ پيرَ کوڙي،
ڪاڏي ڀَڄِي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟
ڪجهه حوصلو، حياتي،
ڊِڄندو سڄي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟
سنڌڙيءَ جو نانءُ کڻندي،
ٿي ڇو لَڄي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟
ايئن جو وَڄِي رهيو آن!
خالي گهڙو ته ناهين؟

*
اڳتي اڳتي پيرُ هجي،
اڳتي اڳتي خيالَ،
مُڙي نه ڏِسجو!
قِسمتَ ڪين مِٽائي سگهندا،
باسُون، ڦِيڻا، فال،
مُڙي نه ڏِسجو!
سنڌُ کي پيارا! ڪينَ کَپنِ،
ٺلها هي اَحوالَ،
مُڙي نه ڏِسجو!
ساڳئي حالتَ رهڻي ناهي،
جيڪا هئي پَرُ سالَ،
مُڙي نه ڏِسجو!
محنتَ کي هٿيارُ بڻايو،
همتَ ٿيندي ڍالَ،
مُڙي نه ڏِسجو!
پيارَ ۾ ڪهڙيون ڪرڻيون آهن؟
جاچُون ۽ پڙتالُ،
مُڙي نه ڏِسجو!
وائيءَ ۾ به غزل وانگر هن جي احساسن، خيالن، منظرڪشيءَ، عڪس بنديءَ، ترڪيبن ۽ مسلسل تخاطب جو ڏانءُ ساڳيو آهي. مٿي ڏنل وائيءَ ۾ به هو جديد دور جي اندر جي کوکلي انسان سان مخاطب ٿيو آهي. هو ڀاڳ وارو هو جو هن کي شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جهڙن وڏن شاعرن جي صحبت نصيب ٿي. تنوير عباسي ته سندس شاعريءَ جو به وڏو پارکو ۽ مداح هو. هن وائيءَ ۾ اياز گل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان مخاطب ٿي ڪيئن نه پنهنجي ديس ۽ دور جي درد کي نفاست سان اظهاريو آهي:

مِلندي نه ڪڏهن مِٽي،
سنڌُ جو نه وري پاڻي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
هڪ ڏينهن، ائين ٿيندو!
هي صُبح ئي سومهاڻي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
سڀُ راڄُ ويو ڪاڏي؟
حيرانُ سندءِ راڻي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
گُلڙا هئا جنهن گهَر ۾،
هُٻڪارَ نه تنهن ماڻِي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
سڀ سُکَ وَهِي ويئڙا،
هيءَ عُمر هئي ڇاڻِي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
سڀ خوابَ نه خَنجر ۽،
سڀ خوابَ نه ڳُڙ-ڌاڻي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
ڏَهه سالَ ويا گُذري،
اَک جو نه سُڪو پاڻي،
تنويرَ! تو سوچيو هو؟
ڪن شاعرن کي پڙهي واقعي به لڳندو آهي ته شاعري ڪبي ناهي، ٿي ويندي آهي. اياز گل جا اظهاريل لطيف احساس به اهڙو ئي ڏس ڏين ٿا. نورالهديٰ شاهه ان لاءِ ڪيڏو نه سُٺو چيو هو ته:
“مجموعي طرح سان اياز گل جي شاعري پڙهي بار بار احساسُ ٿئي ٿو ته، هُو پنهنجي ادبي شخصيت جو وزن وڌائڻ لاءِ شاعريءَ جي نالي تي پاڻ کي پڙهندڙ جي مٿان مڙهي نه ٿو – شاعري سندس اندر مان خوشبوءِ جيان ڦُٽي نڪتي آهي. هُو بس ان خوشبوءِ تي ڍَڪَ رکڻ بدران ان کي پوپٽ جيان آزاد ڇڏي ڏئي ٿو.”
سڀ کان آخري هڪ اهم سوال ته ڇا اياز گل جي شاعريءَ ۾ رڳو خوبيون ئي خوبيون آهن- ڇا هن جي شاعريءَ ۾ ڪي به جهولَ ناهن، جن تي تنقيد پڻ ڪري سگهجي؟ جواب آهي ته دنيا ۾ اهڙو ڪوبه شاعر ٿي نه ٿو سگهي ۽ ڪوبه شاعر زندگيءَ جا سڀ پاسا شاعريءَ ۾ اظهاري سگهي اِهو ممڪن به ناهي. ڪنهن به شاعر جي شاعري هن جي سوچ، احساسَ، وجدانَ، خيالَ ۽ تخيل جي سموري سنسارَ مان فقط ڪجهه عڪس، نوان خيال، رويا، احساس جي اُڻت جا انداز ۽ ٻوليءَ توڙي فن جا روپ ئي پيش ڪري سگهي ٿي ۽ اهو ساڳيو اُصول اياز گل تي به لاڳو آهي. مان سمجهان ٿو ته اياز گل جي شاعريءَ جي سمورين حُسناڪين جي باوجود هن ۾ ٻن عنصرن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. هڪ تفڪر جي گِهرائي ۽ ٻيو احساس جي غيرمعمولي شدت. هو شبنمي بوندن جيان جون جي آرهڙ ۾ خيال ۽ احساس جو هنياءُ ته ٺاري سگهي ٿو پر هو سچ، سُونهن ۽ سنسار جي ويري قوتن کي ساڙي نه ٿو سگهي. هن ۾ باهه ناهي، هن ۾ سماجي شعور مظلوم سان همدرديءَ کان اڳتي نه ٿو وڌي، تاريخ جي اُبتڙ ڌارائن ۽ ڌرين وچ ۾ هن کي مظلوم سان همدردي ته آهي پر هو پاڻ کي ان تضاد ۾ بنيادي ڌر نه ٿو سمجهي. هن وٽ هر شيءِ وچولي مقدار ۾ آهي- شعور، درد، احساس، ادراڪ، ڏک، ڪاوڙ، خوشي، رومان ۽ مزاحمت. مان ته چوندس اِها ئي هن جي خوبي به آهي ۽ ڪمزوري به. مان سمجهان ٿو ته هن کي ان حقيقت جو ڀليءَ ڀت ادراڪ هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي لاءِ غزل ۽ وائيءَ جي صنفن کي وڌيڪ اهميت ۽ اوليت ڏني، ڇاڪاڻ ته اِهي صنفون هن جي مزاج جي به ويجهو آهن ته خيال ۽ احساس جي پڻ. هونئن لازمي ناهي ته هر شاعر جي لهجي ۾ ڪاٽَ يا باهه به هجي. فيض انقلابي شاعر آهي پر هن جو لهجو بيحد نرم ۽ لطيف آهي. اياز گل به ايئن باههَ بجاءِ اظهار ۾ پاڻيءَ جهڙي نرميءَ جي چونڊَ ڪري ٿو ۽ اُها دل کي وڻي ٿي.
اياز گل سنڌ جي اُنهن چند شاعرن مان آهي، جن کي سندس زندگيءَ ۾ ئي بيحد مڃتا ملي آهي. هن سان ڪو نصير مرزا جيان ريسَ ڪري ته واجبي آهي جو هن جي مداحن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، ايم ڪمل، لڇمڻ ڪومل، نورالهديٰ شاهه، ڊاڪٽر الانا، استاد بخاري، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، هري دلگير، ماهتاب محبوب، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم، امداد حسيني، عبدالواحد آريسر، وفا ناٿن شاهي، آغا سليم ۽ تاج بلوچ جهڙا تخليقڪار شامل آهن. مون کي اهو چوڻ ۾ سرهائي محسوس ٿئي ٿي ته مان به اياز گل جي دوستن ۽ مداحن ۾ شامل آهيان.