ايئرفورس کي پي آءِ اي هلائڻي آهي ته سمورا انتظام ڏئي ڇڏيو: : سي اي او ارشد ملڪ کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم برقرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي بورڊ آف گورنرز کي اداري جا انتظام هلائڻ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته بورڊ سي اي او جا فنڪشنز به استعمال ڪري سگهي هو، پي آءِ اي کي هلائڻو آهي، بند نه ڪرڻو آهي. پي آءِ اي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي حالت خراب آهي، اُن جي جهاز ۾ سفر ڪريو ته خبر پئجي ويندي آهي. لڳي ٿو هي ڪو فيملي ادارو آهي، جنهن کي چاهي مقرر ڪيو وڃي ۽ ڪنهن کي کڻي فارغ ڪيو ويندو آهي.اٽارني جنرل آف پاڪستان عدالت کي آگاهي ڏني ته پي آءِ اي جي سي اي او ارشد ملڪ جي مقرري قانون موجب ٿي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پي آءِ اي جا انتظام پاڪ ايئرفورس کي هلائڻا آجهن ته سمورا انتظام اُنهن کي ڏئي ڇڏيو. پي آءِ اي ڪنهن جي ذاتي جاگير نه، پر قوم جي ملڪيت آهي، پي آءِ اي سان راند کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سي اي او لاءِ حڪم معطل نه ٿيندوعدالت ايئر ڪموڊور کي ٺيڪو ڏيڻ واري معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اخبار ۾ خبر ڇپي آهي ته ڪنهن ايئر ڪموڊو کي 70 ڪروڙ رُپين جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، اسان سي اي او کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم معطل نه ڪنداسين.