اوگرا طرفان گيس جا نوان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا

لاهور:-  اوگرا طرفان نومبر جي لاءِ آر ايل اين جي جي اگهن کي مقرر ڪيو ويو، سوئي سدرن جي لاءِ في ايم بي ٽي يو گيس جي قيمت 10 ڊالر 93 سينٽس مقرر ڪئي وئي.تفصيل موجب آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي نومبر جي لاءِ آر ايل اين جي جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، اوگرا آر ايل اين جي اگهه ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 12 سينٽس جي واڌ ڪري ڇڏي.اوگرا جي پڌرائي موجب هي گيس پي ايس او ۽ پاڪستان ايل اين جي لميٽڊ جي ذريعي درآمد ٿيندو.