انڌا وٺ اکيون عشق اٿئي اسلام : سيد نواز شاه ڀاڏائي

ھي نادان بي سمجھ سمجھو اڻ ڄاڻ ڄاڻو جيڪي سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب جي آخري وصعيت تي آگ بگولا آھن تن ڪڏھن ڀنڀري صاحب کان سندس جوان پٽ جي شھادت جو ڏک پڇيو ؟ ڇا ھڪ پيء پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاء پنھجو طريقو اختيار نٿو ڪري سگھي !؟ڇا ھتي ڪنھن زندھ رھڻ ته ڇڏيو مرضي سان مرڻ جو به حق ناھي ڇا ھي مسلم معاشري جي عڪاسي آھي ڇا سنڌ اسلام کان اڳي نه ھئي ڇا اسلام جيڪو چوي ٿو ” لڪم دينڪم ولي دين ” دين ۾ زبردستي ناھي ” اھو فسلفو ڇا ٿو ٻڌائي ڇا ڀنڀرو صاحب کان اڳي تاريخ ۾ مسلم درويشن فلسفين عالمن پنھجي موت جا طريقا تبديل ناھن ڪيا ڇا سنڌ ۾ ھزارين سال اڳ ۾ ريتون رسمون اسلام جھڙيون ھيون ڇا اسين پھرين سنڌي آھيون يا مسلمان ؟؟؟ ڇا ھزارين سالن کان تاريخ ۾ مختلف مذھب رکندڙ سنڌي صرف اسلام جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ڇا عرب پھرين شامي يمني ڪويتي آل سعود عراقي ٿا سڏجن يا مسلمان ؟ ترڪن جو پھريون تعارف ترڪش قوم آھي ! پيغمبرن جي سرزمين فلسطين تي قائم مسلمان پھرين فلسطيني ٿا سڏجن ملائشيا جا مسلمان ملئي قوم ٿا سڏجن پوء سنڌي آخر ڇو مسلم قوم سڏجن ياد رھي اسين سڀ کان اول سنڌي آھيون بعد ۾ مسلمان ھندو عيسائي يھودي ٻڌ سني شيعا بريلوي برھمڻ اڇوت وغيرھ ٿي سگھون ٿا

ھنن اسلام جي ٺيڪيدارن ڪڏھن راجا ڏاھر جي بيرحماڻي موت تي آواز اٿاريو ته پنھجي وطن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪنھن کي مارڻ جي اجازت ته اسلام به نٿو ڏئي ان ڪري راجا ڏاھر جو قتل سراسر روح اسلام جي خلاف آھيڪنھن دين جي پاسدار عطا محمد ڀنڀري وٽ وڃي سندس سيني ۾ لڪل غم جو ڪاٿو لڳايو جنھن پنھجي پٽ جي شھادت وقت مسڪرائي چيو ته ” خوشي ٿي ٿم جو پٽ جو پورھيو ساب پيو ” ڇا ڪنھن ملي ۾ ايتري ھمت آھي جو ڌرتي جي غلامي خلاف جھاد ڪري شھادت ماڻي ۽ سندس پونئير فخر ڪن ته اسان جو پٽ آزادي جي راھ ۾ قربان ٿيو آھي ڪاش سنڌ جي مولوين جي اندر مولانا محمد صادق کڏي وارو جو روح ھجي جنھن جڏھن مھاتما گانڌي وٽس آيو مسجد تان اذان آئي ڪنھن جماعتي چيس سائين ھلو نماز جو وقت ٿي ويو آھي ته چوڻ لڳو نماز قضا ٿي وئي ته وري به پڙھي وٺبي گانڌي ڪھڙو روز روز ايندو اھا مذھبي رواداري سنڌين جي خمير ۾ رھي آھي اڄ سنڌ جو اسلامي روح وڏي اڪثريت سان ملان عمر ۽ ابوبڪر بغدادي جي بنياد پرست سوچ سان بيٺو آھي اسلام صبر جي تلقين ڪري پر جنون پسند ملان تنگ نظري جي تلوار سان ڀائرن جون سسيون لاھين ٿا .

ڀنڀري صاحب جو پٽ شھيد ڪندڙ رياست ڇا اسلام جي نالي تي قائم ناھي ؟ جن راجا ڏاھر کي شھيد ڪيو ڇا اھي مسلمان ناھن ؟ ڇا سنڌين بلوچن ۽ مظلوم انسانن ( قومن ) تي اسلام جي نالي تي قبضو ناھي ؟ ظاھر آھي جڏھن ڪنھن جو پٽ ڪنھن مذھب عقيدي ۽ فرقي سان واسطو رکندڙ قوتن ھٿان قتل ٿيندو ته ردعمل ۾ اھو شخص سو به پيرسن پيء اھو ردعمل ۾ ڪجھ به لکي سگھي ٿو ڇا نبي سائين راھ ۾ ڪنڊا وڇائيندڙ گند ڦثو ڪندڙ ڪافرن ( اسلام جي انڪارين ) کي معاف نه ڪيو ھو ؟ 

ھڪ انقلابي ماڻھو سو به سيڪيولر خيال رکندڙ جيڪڏھن مذھبي رسمن جي بجاء پنھجي طريقي سان مرڻ جي وصعيت ڪري ته ڇا اسين سندس قبر تي به سنگباري ڪريون ڇا سنڌ جي مذھبي علمائن توڙي ( مسلم جنتا ) ڀنڀري صاحب سميت باھ ۾ ساڙيل شھيد سرائي قربان کھاوڙ شھيد مقصود قريشي شھيد سلمان وڌو شھيد روپلو چولياڻي شھيد نوراللھ تنيو جي شھادت جو سبب بڻيل مسلمان حاڪمن ۽ سندن ادارن خلاف ايتري سخت زبان استعمال ڪئي ؟