انڊس هاءِ وي تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ شاگرد فوت، 2 زخمي

حيدرآباد : انڊس هاءِ وي تي پُراڻي ٽول پلازه ڄامشورو لڳ هڪ ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شاگرد شهباز چارڻ فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيلن ۾ عبدالله سمون ۽ عبدالاحد سمون کي اسپتال پهچايو ويو. ڄامشورو پوليس ڪيس داخل ڪري ڊرائيور کي ٽرالر سميت حراست ۾ وٺي ڇڏيو.