انٽرنيشنل ڪموڊٽي ايڪسچينج ۾ ڪپهه جي اگهن ۾ گهٽتائي

نيويارڪ:- انٽرنيشنل ڪموڊٽي ايڪسچينج ۾ ڪپهه جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي جنهن جو سبب چين ۾ ڪورونا وائرس سبب پيداواري ۽ واپاري سرگرمين جي متاثر ٿيڻ ۽ ڪپهه جي طلب ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. ايڪسچينج ۾ ڪپهه جو اگهه وقفي تي مارچ لاءِ ڪپهه جا سودا 0.31 سينٽ گهٽجي (0.4 سيڪڙُو) گهٽ ٿي 70.05 سينٽ في پائونڊ ۾ طئه ٿيا. ايڪسچينج ۾ ڪپهه جي ڪل 17481 ڳٺڙين جو ڪاروبار ٿيو.