انصاف حڪومت جون سنڌ جي نوڪرين واري ڪوٽا سان ناانصافي : ايوان صدر، وزيراعظم آفيس ۽ پارليامينٽ ۾ پنجاب جي ملازمن جي بالادستي: سنڌ لاءِ ڪوٽا کان به گهٽ نوڪريون .

اسلام آباد : انصاف حڪومت جون سنڌ جي ڪوٽا سان ناانصافي : ايوان صدر، وزيراعظم آفيس ۽ پارليامينٽ ۾ پنجاب جي ملازمن جي بالادستي: سنڌ لاءِ ڪوٽا کان به گهٽ نوڪريون . ايوان صدر، وزيراعظم آفيس، قومي اسيمبلي ۾ پنجاب صوبي مان 70 سيڪڙو ملازم مقرر ٿيل، سينيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ به پنجاب جي ملازمن جي اڪثريت هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب وفاقي حڪومت پاران سال 19-2018ع دوران وفاقي ملازمن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪندي چيو ويو آهي ته ايوان صدر سيڪريٽريٽ (پبلڪ) ۾ گريڊ هڪ کان 22 تائين جا ڪل 278 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 74 سيڪڙو ملازم اڪيلي پنجاب صوبي مان مقرر ٿيل آهن، جن جو تعداد 204 آهي، سنڌ ٻهراڙي مان 14، سنڌ شهري مان 8، ڪي پي ڪي مان 35، بلوچستان مان 2، آزاد ڪشمير مان 11، فاٽا مان 4 ملازم مقرر ٿيل آهن، ايوان صدر سيڪريٽريٽ (پرسنل) ۾ گريڊ هڪ کان 22 تائين جا ڪل 497 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 70 سيڪڙو ملازم اڪيلي اسلام آباد سميت پنجاب مان مقرر ٿيل آهن، جن جو تعداد 354 آهي، سنڌ ٻهراڙي مان 18، سنڌ شهري مان 11، ڪي پي ڪي مان 70، بلوچستان مان 5، آزاد ڪشمير مان 27، گلگت مان 11 ۽ فاٽا مان هڪ ملازم مقرر ٿيل آهي، وزيراعظم سيڪريٽريٽ (پبلڪ) ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين ڪل 171 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 70 سيڪڙو جي قريب اڪيلي پنجاب مان 116 ملازم، سنڌ ٻهراڙي مان 8، سنڌ شهري مان 5، ڪي پي ڪي مان 26، بلوچستان مان 4، آزاد ڪشمير مان 9، گلگت بلتستان مان هڪ ۽ فاٽا سان تعلق رکندڙ 2 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم آفيس سيڪريٽريٽ (پبلڪ) ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين جا ڪل 209 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان اڪيلي پنجاب صوبي مان 140، ٻهراڙي سنڌ مان 10، شهري سنڌ مان 6، ڪي پي ڪي مان 35، بلوچستان مان 4، آزاد ڪشمير مان 10، گلگت مان هڪ، فاٽا مان 3 ڪم ڪندڙ ملازم شامل آهن، وزيراعظم آفيس جي انٽرنل سيڪريٽريٽ ۾ گريڊ هڪ کان 16تائين 477 ملازم ڪري رهيا آهن، جن مان اسلام آباد سميت پنجاب صوبي مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ 337 ملازم مقرر ٿيل آهن، سنڌ شهري توڙي ٻهراڙي مان 4- 4، ڪي پي ڪي مان 66، بلوچستان مان 11، آزاد ڪشمير مان 36، گلگت مان 8 ۽ فاٽا مان هڪ ملازم مقرر ٿيل آهي، وزيراعظم انٽرنل سيڪريٽريٽ ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين ڪل 7 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ پنجاب مان 5، شهري سنڌ ۽ ڪي پي ڪي مان هڪ هڪ ملازم مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته ٻهراڙي سنڌ، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت ۽ فاٽا مان هڪ به ملازم مقرر ٿيل ناهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ هڪ هزار 2 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ 70 سيڪڙو اسلام آباد سميت اڪيلي پنجاب صوبي مان آهن، جن جو تعداد 701 آهي، ٻهراڙي سنڌ مان 101، شهري سنڌ مان 27، ڪي پي ڪي مان 114، بلوچستان مان 22، آزاد ڪشمير مان 15، گلگت مان 8 ۽ فاٽا مان 12 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙي ريت سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڪل هڪ هزار 27 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان اسلام آباد سميت اڪيلي پنجاب صوبي مان 58 سيڪڙو کان وڌيڪ يعني 600 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ ٻهراڙي مان 71، سنڌ شهري مان 44، ڪي پي ڪي مان 200، بلوچستان مان 45، آزاد ڪشمير مان 36، گلگت مان 9 ۽ فاٽا مان 20 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين جا ڪل 2 هزار 8 ملازم مقرر ٿيل آهن، جن ۾ اليڪشن ڪميشن جي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ 230 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ اسلام آباد ۽ پنجاب مان 133، سنڌ ٻهراڙي مان 12، سنڌ شهري مان 8، ڪي پي پي مان 55، بلوچستان مان 5، آزاد ڪشمير مان 11، گلگت مان هڪ ۽ فاٽا مان 5 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين چئني صوبن ۾ قائم صوبائي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيسن ۾ مجموعي طور تي 1778 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان پنجاب صوبي مان 611، سنڌ ٻهراڙي مان 224، سنڌ شهري مان 217، ڪي پي ڪي مان 344، بلوچستان مان به 344، آزاد ڪشمير مان 2 ۽ فاٽا مان 36 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن جي هيڊآفيس ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين ڪل 76 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ اسلام آباد سوڌو پنجاب صوبي مان 47، سنڌ ٻهراڙي مان 3، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان 10، فاٽا مان 2، گلگت مان هڪ، آزاد ڪشمير مان 3 مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته سنڌ شهري مان هڪ به آفيسر مقرر ٿيل ناهي، چئني صوبن ۾ قائم صوبائي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيسن ۾ مجموعي طور تي گريڊ 17 کان 22 تائين ۾ 279 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ 82 اسلام آباد سميت پنجاب مان، ٻهراڙي سنڌ مان 29، شهري سنڌ مان 35، ڪي پي ڪي 67، بلوچستان مان 60، فاٽا مان 6، آزاد ڪشمير ۽ گلگت مان ڪو به آفيسر مقرر ٿيل ناهي.