ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل واري ڪيس ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي عدالتي اختيار چيلينج ڪرڻ واري درخواست رد

دادو : ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل واري ڪيس ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي عدالتي اختيار چيلينج ڪرڻ واري درخواست رد ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏَي، پيءُ ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ام رباب چانڊيو ايل ايل بي جي امتحان سبب عدالتي ٻڌڻي تي نه پهتي جڏهن ته فريادي ڌر پاران پرويز چانڊيو عدالت ۾ موجود هو. 3 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو، علي گوهر چانڊيو ۽ ٻيا پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدارن جي وڪيل ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جوابدار سردار احمد چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو اختيار نه هجڻ واري درخواست رد ڪندي ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي شامل ڪرڻ واري نقطي تي 7 نومبر تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي دليل ڏيڻ لاء ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي. فريادي ام رباب چانڊيو جي وڪيل عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو عدالت جوابدار ڌر جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هنن ٻن ايم پي ايز کي نامزد ڪرڻ واري معاملي کي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ٻڌڻ جو اختيار چئلينج ڪيو هو. عدالت ان تي فيصلو ڏنو ته عدالت کي اختيار آهي ته هو ان پوائنٽ تي فيصلو ڪري اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي. جڏهن ته ايم پي اي سردار چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کين عدالت تي يقين آهي ته هو انهن سان انصاف ڪندي ڇا ڪاڻ ته هو هن ڪيس ۾ ملوث نه آهن. باقي ڪنهن وڪيل جي چوڻ سان هو ڏوهي ثابت ڪو نه ٿيندا ۽ اميد آهي ته هن عدالت مان سرخرو ٿي نڪرندا. سردار چانڊيو چيو ته فريادي ڌر کين انڪوائري آجو قرار ڏيڻ خلاف ڪنهن به عدالت ۾ نه ويا نه ئي هڪ رپوش جوابدار جي ضمانت خلاف ڪنهن عدالت ۾ چيلينج ڪيو هو، پنهنجي سياست پيا چمڪائين ٻيو ڪجهه نه آهي. برهان چانڊيو چيو ته اي ٽي سي ڪورٽ کيس آجو قرار ڏنو هاڻي به کين اميد آهي ته عدالت کين ان ڪيس ۾ آجو ڪندي. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، پوليس ۽ رينجرس جي وڏي نفري پڻ موجود هئي.