امير ڀنڀرو

71 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ جي عذابن جا ڏينهن 

امير ڀنڀرو

بجلي هجي يا گئس پاڻي هجي يا اساني جياپي جو ٻيو ڪو نالو جيڪڏهن اهي بحران جي صورت ۾ سامهون اچڻا آهن ته انهن کي سنڌ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ملڻ ئي مشڪل آهي، کڻي ايئن چئون ته اڃان آسان رهندو ته ملڪ ۾ جيڪي به بحران پيدا ٿيا آهن ڃڻ ته سنڌ لاءِ پيدا ٿيا آهن جن سنڌ ۾ اهڙو ته گهر ڪري ورتو آهي جو انهن بحرانن جو سنڌ مان هاڻي وڃڻ مشڪل آهي، ملڪ ٺهڻ کان وٺي بجليءَ جي بحران کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۾ وري پاڻي جو انهي کان وڌيڪ بحران آهي، پوري ملڪ ۾ پاڻي ضايع پيو ٿيندو بس هڪ سنڌ آهي جتي پيئڻ جو پاڻي به مشڪل سان ملندو پاڻيءَ جي بحران کانپوءِ هاڻي وري هڪ ٻئي بحران ڪر کينو آهي جيڪو بحران پورن اٺن ڏينهن کان پوري سنڌ کي لوڙائي پيو سنڌ کي ڪاله کان ڪجه ساهي ملي آهي ۽ سنڌ ۾ گئس ڏني وئي آهي پوري دنيا ۾ شايد اهو ڪنهن ٻڌو به نه هوندو پر سنڌ جي عوام ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي ته سنڌ اهو دنيا جو واحد صوبو آهي جيو پوري ملڪ کي 71 سيڪڙو گئس ڏئي ٿو پر پاڻ سنڌ انهي گئس لاءِ سڪندو ۽ تڙپندو وتي ٿو حيرت جي ڳاله آهي پورا ست ڏينهن سنڌ جي گئس بند رهي پوري سنڌ 7 ڏينهن تڙپي پئي تڙپي پوري سنڌ جا ماڻهو گئس نه هجڻ سبب روڊن تي دربدر هئا پر سنڌ جي ڏنل گئس ملڪ جي ٻين سڀني صوبن ۾ جاري رهي، پوري ملڪ ۾ گئس جي پيداواريءَ ۾ ست سيڪڙو حصو ڏيندڙ پنجاب ۾ گئس بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهي جتي پورا ست ڏينهن هڪ منٽ جي به گئس لوڊشيڊنگ نه ٿي جڏهن ته اڃان به حيرت سنڌ جي عوام کي تڏهن ٿي جڏهن سنڌ جا ست ڏينهن بند رهندڙ سي اين جي واري ڏينهن ۾ ملڪ ۾ 8 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ ڪي پي ڪي کي پورا ست ڏينهن ئي نغير ڪنهن وقفي جي گئس جي فراهمي جاري رهي، سي اين جي اسٽيشن جي انگن اکرن موجب پوري ملڪ ۾ 3600 سي اين جي اسٽيشن آهن جن مان 24 سئو سي اين جي اسٽيشن پنجاب ۾ آهن، جڏهن ته رڳو 12 سئو سي اين جي اسٽيشن سنڌ ۾ آهن انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سي اين جيءَ جي کپت ڪيتري هوندي ۽ پنجاب ۾ سي اين جيءَ جي کپت ڪيتري هوندي اهڙي صورتحال ۾ حيرت ڪندڙ ٻي خبر ته اوگرا ۾ سنڌ جي به نمائندگي نه آهي، هن پوري صورتحال مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ تمام گهٽ گئس استعمال ڪري ٿو جڏهن ته سنڌ گئس ۾ حصو ان کان اٺوڻ تي وڌيڪ ڏئي ٿو جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پيءَ نالي ماتر گئس پيدا ڪري ٿو ۽ اهي صوبا پيدا ڪرڻ جي 11 حصا گئس وڌيڪ استعمال ڪن ٿا، اهو سلسلو اڌ صدي کان هلندو پيو اچي ٿو ۽ اهڙي قسم جو سنڌ سان هزارين زيادتون ٿينديون پيو اچن ٿيون وقاق ۽ پنجاب پاران سنڌ سان اهڙي زيادتين خلاف جڏهن به سنڌ آواز اٿايو آهي ته نتيجو ڇا مليو آهي اهو پوري سنڌ جي سامهون آهي ته سنڌ جي حڪومت ياسنڌ جي عوام جڏهن به سنڌ سان زيادتن خلاف شڪايت آهي، ته نتيجي ۾ سنڌ سان زياستي وڌائي وئي آهي نتيجي ۾ سنڌ سان زيادتين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پوري ملڪ کي 71 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ کي پورا اختيار هجڻ گرجن ها، سنڌ کي پورو پورو اختيار هجڻ گهرجي ته هو پاڻ گئس ڪيتري استعمال ڪري ۽ ٻين کي جيتري به ڏئي پر هن ملڪ جو رياستي ڏنڍو هميشا ابتو هليو آهي 71 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ هيمشا مظلوم رهي آهي جيڪڏهن سنڌ کي ڪجه سيڪڙو گئس ملندي به آهي ته سنڌ کي خيرات سمجهي ڏني ويندي آهي جڏهن ته حقيقت ۾ پوري ملڪ کي سنڌ خيرات ۾ گئس ڏئي پيو، تازو سنڌ ۾ هٿرادو گئس جي بحران مان پوري ملڪ ڏٺو ته سنڌ پورا ست ڏينهن ڪيترو لوڙهيو پورا ست ڏينهن سنڌ ۾ گئس اڻلڀ رهي. ان سموري ڇڪتاڻ ۾ سڀ کان وڏو نقصان عوام جو ٿي، ڪراچي سميت پوري سنڌ جي روڊن تان پبلڪ ٽرانسپورٽ غائب رهي، جنهن ڪري ماڻهو روڊن تي دربدر ٿيندا رهيا. جيڪي هڪ ٻه بسون هليو ته انهن جي ڇت تي به مسافرن لاءِ جاءِ نه بچي جڏهن ته اهو سفر زندگيءَ لاءِ ڪيترو نقصان ڪار آهي اهو هر ماڻهون سمجهي ٿو پر پيٽ جي باه وسائڻ لاءِ پوري سنڌ جو مزدور طبقو پنهنجي جان خطري ۾ وجهي به روزگار تي پهچڻ چاهيو پر پوري سنڌ ۾ گئس جي بندش سبب پوري سنڌ سخت عذاب ۾ رهي ، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو ، ڪارخانا بند ٿيڻ سبب هزارين مزدورن جو روزگار خطري ۾ اچي ويو، اهڙي صورتحال سبب سنڌ جا ماڻهو تمام گھڻا مايوس ٿيا آهن ، 71 سيڪڙو گئس جي پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي جا ماڻهو گئس کان محروم ڪيا ويا ويا، جيڪا سراسر نا انصافي آهي، جڏهن ته هئڻ ايئن گھرجي ها ته جنهن صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿيندي آهي وسيلن تي سڀ کان پهريون حق به ان صوبي جي عوام جو هجڻ گھرجي. جيڪو سنڌ جي عوام جو شروع کان ئي خواب رهيو آهي، سنڌ کي گئس کان محروم ڪري ٻين صوبن کي گئس جي فراهمي جاري رکڻ وارو عمل صوبن وچ ۾ انتشار جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ۽ اسان اهو به انهي بحران مان محسوس ڪيو ٿا ته اها سازش آهي صوبن وچ ۾ ويڇا وجهڻ جي جيڪا مذمت جوڳو عمل آهي، جڏهن ته اڳ ۾ ئي سنڌ جا ماڻهو وسيلن جي ورڇ تي مختلف اعتراض واريندا رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ پاڻي، بجلي ۽ گئس جهڙين بنيادي سهولتن کان عوام کي محروم ڪري حڪومت ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي؟ ۽ حڪمران ڪهڙي نئين باه ٻارڻ چاهي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ گئس جو غائب ٿيڻ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. مجموعي طور تي ننڍن صوبن سان مختلف وقتن تي ناجائزيون ٿينديون رهيو آهن ، ان کان اڳ گئس جي لوڊ شيڊنگ معمول بڻيل هئي پر هاڻي ته اها پورا ست ڏينهن بند رهي، جيڪڏهن حڪومت جو اهڙو نامناسب رويو گھڻو وقت رهيو ته صوبي ۽ وفاق وچ ۾ تضاد اڃا وڌيڪ شديد ٿي ويندا جنهن جو سڌو نقصان ملڪ جي معيشت ۽ سلامتي کي پڻ ٿي سگھي ٿو. عوام کي ايترو به تنگ نه ڪيو وڃي جو سڀاڻي اهي روڊن تي دربدر ٿيڻ بجائي احتجاج لاءِ نڪري پون ، ۽ هن وقت ملڪ عوامي احتجاج کي برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، انهيءَ لاءِ ملڪ ۾ ڀائيچاري جي هوا ۽ صوبن ۾ انصاف کي قائم رکڻ ۽ نا انصافين کي بند ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان ضروري آهي ته سنڌ کي مڪمل پنهنجي حصي جي گئس ڏئي سنڌ جي عوام کي هر اهي آئيني حق ڏنا وڃن جيڪي حق سنڌ جي عوام جو بنيادي ۽ انساني حَقن آهن.

 

 

مسنگ پرسن جي اذيت کي ڪير محسوس ڪندو

امير ڀنڀرو 

هڪ تازي رپورٽ موجب گم ٿيل ”مسنگ پرسن“ بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ چئن سالن دوران هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ماڻهون جبري گميشدين جي عذاب هيٺ رهيا نه صرف انهي رپورٽ ۾ اهو افسوس ناڪ انڪساف ٿيو آهي پرانهي رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته هن سال نه صرف گم ٿيل ماڻهڻ جي انگن ۾ حيرت ڪندڙ واڌ ٿي آهي، پر انهي مٿان تشدد وارثن مٿان ظلم ۾ به حيرت ڪندڙ واڌ ٿي آهي، گم ٿيل ماڻهن بابت جاچ ڪندڙ جوڙيل ڪميشن جي اکرن ۾ سامهون آيو آهي ته سال 2015ع ۾ 649 ماڻهون گم ٿيا، 2016 ۾ 728، 2017ع ۾ 868 جڏهن ته هلندڙ سال 10 مهينن دوران 899 ماڻهو کنڀيا ويا آهن، اهڙي فهرست ۾ نومبر ۽ ڊسمبر جا گم ٿيل ماڻهون شامل نه آهن جڏهن ته اهو ياد رهي ته گم ٿيل ماڻهڻ ۾ نومبر ۽ ڊسمبر وري سڀ کان ڀاري آهن جنهن ۾ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهون گم ٿيا ، ڪميشن دعويٰ ڪئي آهي ته 2018ع ۾ 557 شڪايتون اڪلايون ويون جڏهن ته اهو ياد رهي ته گم ٿيلن جي اگن اکرن جي نالي ماتر به گم ٿيل ماڻهون ظاهر نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهڙي رپورٽ کانپوءِ هاءَ ڪورٽ سنڌ جي چيف انهي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته رپورٽ غلط آهي ماڻهن جي ظاهر ڪرڻ بابت سنجيده رپورٽ ڏني وڃي هاءِ ڪورٽ سنڌ پاران گم ٿيل ماڻهن بابت ڏنل رپورٽ تي بي اعتمادي کانپوءِ سمجه ۾ اچي ٿو ته آخر ڪار انهن گم ٿيل مسنگ پرسن جو ڇا ٿيندو جنهن تي هن ملڪ جي ڪورٽ سڳوري به ڪجه نه ڪري سگهي پئي ۽ ڪورٽ کي به اهڙا انگ اکر ۽ غلط رپورٽون ڏنيون پيون وڃن ٿيون هاءِ ڪورٽ جي انهي ريمارڪس کانپوءِ افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته آخر انهن مسنگ پرسن جا وارث ڪيڏانهن وڃن جن بابت رياست گونگي ۽ ٻوڙي ۽ ڪورٽ کي سيڪيورٽي ادار اکين ۾ مرچ وجهن پيا اهڙي صورتحال ۾ انهن مسنگ پرسن جي وارثن ۾ اڃان به ڳڻتيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو جن جا وارث سالن کان پريشان آهن سالن کان احتجاج ڪن پيا سالن کان هر ايوان ۽ فورم تي احتجاج ڪري چڪا آهن پر انهن جي ڪو ٻڌڻ ته پري جي ڳاله آهي انهن کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ لاءِ حڪومت جو حڪمت عمليون سامهون اچي رهيون آهن جنهن ملڪ ۾ رياستي ادارن پاران ماڻهون گم ڪيا وڃن وري گم ڪري انهن کي بي گناه تشدد ڪيو وڃي جيڪڏهن انهن جا وارث انهن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪن ته وري انهن مٿان ڏنڍا وسايا وڃن اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙي اميد ڪهڙو آسرو بچي ٿو جيڪو اميد آسرو انهن جي دل کي جياري سگهي جنهن گم ٿيل جي وارثن جو جيئُ سالن کان جهريل آهن جن جو سالن کان اکڙيون دروازن ۾ آهن جن جو ننڍو حرام آهن جن جي زندگي موت کان به وڌيڪ اذيت ناڪ ٿي پئيون آهن، سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ نه صرف ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ پر پوري دنيا ۾ احتجاج ٿي چڪو آهي پر نتيجو ڪهڙو نڪتو آهي ته انهن مٿان تڪليفون اڃان وڌي ويون آهن جڏهن ته اهو به ياد رهي ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن ۽ انساني حقن جون تنظيمون پنهنجي سالياني رپورٽن ۾ شڪايتون ڪيون، ته نه صرف سنڌ ۽ بلوچستان مان بي گناه ماڻهون گم ڪيا ويا آهن پر انهن مٿان انهن جي وارثن مٿان به رياستي ظلم جي انتها ٿي وئي آهي ، تازو 10 ڊسمبر تي جڏهن انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو هو ته انهي ڏينهن به نه صرف هن ملڪ جي وزير اعظم پر پوري ملڪ جي هر وزير انساني حقن جي ملڪ ۾ ٿيندڙ حيرت ڏيندڙ واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي اهو چيو هو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ خلاف قدم کنيا وڃن پر اهي به ڳاليهون ثابت ٿيون عمل انهن تي به ڪٿي به نظر نٿو اچي اڄ به پوري ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن مسنگ پرسن جي انگ ۾ ڏينهن ڏينهن واڌ ايندي پئي وڃي ٿي نه صرف واڌ ايندي پئي وڃي ٿي پر انهن جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ احتجاجن مٿان به ساڳيو ئي ظلم ۽ تشدد جاري آهن، هوڏانهن گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جون اکيون پيارن جي اوسيئڙي ۾ آهن ۽ انهن جي انتظار جون گهڙيون اڃان ختم نه ٿيون آهن. جن جي گهرن ۾ قيامت صغريٰ برپا آهي. حالت اها آهي جو سنڌ مان جبري گمشدگين خلاف انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي ملير پريس ڪلب کان نڪتل وائيس فار مسنگ پرسنز جو ٻن ڏينهن واري مارچ جي ڪالھ ڪراچي پريس ڪلب تي پڄاڻي ٿي، ياد رهي ته انهيءَ ريليءَ جي به وڏي رستا روڪ ڪئي وئي هئي انهن مٿان تشدد ڪيو ويو هو انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت گم ڪيل ماڻهڻ جي آزاديءِ لاءِ ڪيتري سنجيده آهي هڪ طرف سرڪار سڳوري اها دعويٰ ڪرڻ جو پيڇو نٿي ڇڏي ته اسان گم ٿيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪيون ٿا جڏهن ته اسان حڪمرانن جي دعويٰ کانپوءِ عملي طور ڏسنداسين ته اسان کي حڪمران انهي دعوا جي ابتڙ نظرا ايندا پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ مسنگ پرسن جي انگ ۾ ڏينهن ڏينهن تيزيءَ سان واڌ ايندي پئي وڃي ٿي نه صرف مسنگ پرسن جي انگن ۾ ڏينهن ڏينهن واڌ ايندي پئي وڃي ٿي مٿان جيڪو وارث مسنگ پرسن جي آزاديءَ لاءِ آواز اٿاري ٿو انهي مٿان به حد درجي جي تشدد ڪري مسنگ پرسن جي وارثن کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ٿو ته مسنگ پرسن جي آزاديءَ لاءِ جيڪو به احتجاج ڪندو انهي سان مسنگ پرسن جهڙو ئي ورتاءُ ٿيندو، ڇا هتي انساني حقن جي پاسداري اهڙي نموني ٿيندي جنهن جي تصوير سنڌ ۾ نظر اچي پئي جيڪا سنڌ جي معصوم تصوير پوري رياست کان هميشا اهو سوال ڪندي رهي آهي ته ڇا سنڌ جا گم ٿيل سنڌ جا هزارين معصوم شهري، معصوم ٻار، پوڙها پڪا جن جوانيءِ جو بهارون ئي نه ڏٺيون هيون ڇا اهي سڀ دهشتگرد هئا ڇا اهي هن ملڪ جا وارث نه آهن ڇا انهن ملڪ ٺاهڻ ۾ قربانيون نه ڏنيون هيون اڙي نادان ملڪ جا دشمنو اکيون کوليون ڏسو هي اهي ئي سنڌ جا وارث آهن جيڪي اڄ مسنگ پرسن سڏجن ٿا انهن جي قرباين ئي ملڪ قائم ڪيو انهن جي قرباينن ئي ملڪ کي جوڙيو انهن جي قرباين ئي ملڪ کي ترقي آفتا ملڪ بڻايو اڄ انهن محب وطن سنڌ جي رهواسن کي ملڪ جي غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ملي رهيا آهن اڄ اهي ئي رياست جي قيد ۾ مسنگ پرسن وارو عذاب ڀوڳي رهيا آهن، اڄ اهي ئي ملڪ ۾ غذاب ڀوڳي رهيا آهن جن ملڪ ٺاهيو ڇا اهو سنڌ سان ظلم اڄان هلندو ڇا سنڌ سان زيادين جو سلسلو اڃان ڪٿي نه رڪبو ڇا سنڌ جي عوام کان اڃان به امتحان ورتا ويندا سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته هاڻي انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي سنڌ جو عوام هاڻي چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ٿيند خاص ڪري سنڌ ۾ انساني حقن جي اها لتاڙ هاڻي بند ٿيڻ گهرجي جيڪي انساني حقن جي لتاڙ سالن کان سنڌ جي سڃاڻ بڻيل آهي جيڪا انساني حقن جي لتاڙ سالن کان سنڌ جو مقدر بڻيل آهي.