امريڪي صدر ٽرمپ جي ڀائيٽيءَ ميري ٽرمپ جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب جون پهرين ڏينهن ئي 10 لک ڪاپيون وڪرو ٿي ويون

نيويارڪ :- امريڪي صدر ٽرمپ جي ڀائيٽيءَ ميري ٽرمپ جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب جون پهرين ڏينهن ئي 10 لک ڪاپيون وڪرو ٿي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پبلشر انهي ڪتاب جون وڌيڪ ڪاپيون ڇاپڻ جو آرڊر پڻ ڏيئي ڇڏيو آهي. ميري ٽرمپ جو ڪتاب آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ به ايمازون جي سيل چارٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي. امريڪي صدر جي ڀائيٽيءَ ميري ٽرمپ پنهنجي ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ هڪ خودپسند شخص آهي، جنهن مان هر امريڪي کي خطرو آهي. ڪتاب ۾ ٽرمپ جي والد جي بري رويي ۽ بارن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا به لکيل آهن. وائيٽ هائوس ميري جي ڪتاب کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏئي چڪو آهي.