امريڪا ۽ افغان طالبان ٻن ڏهاڪن کان جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

دوحه :- امريڪا ۽ افغان طالبان ٻن ڏهاڪن کان جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. دوحه ۾ ٿيل تقريب دوران افغانستان بابت امريڪي ايلچي زلمي خليل زاد ۽ طالبان طرفان ملا برادر امن معاهدي تي صحيحون ڪيون. اهڙي ريت امريڪا ۽ طالبان ۾ ٻن ڏهاڪن کان جاري جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي. ٻنهي ڌُرين وچ ۾ ٺاهه تي صحيحن لاءِ ٿيل تقريب ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سوڌو 50 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي.