اليسٽر ڪڪ هلندڙ سال هوم گرائونڊ تي انگلينڊ جي ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

لنڊن (اسپورٽس خبر):- اليسٽر ڪڪ چيو ته هن ڀيري اسان جي ٽيم ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ جو غير معمولي چانس آهي.پهريون ڀيرو ميگا ايونٽ ۾ وڃڻ کان اڳ اسان وٽ متوازن اسڪواڊ آهي جيڪو ون ڊي ڪرڪيٽ جي رنگ م پاڻ کي مڪمل طور تي وجهي ڇڏيو آهي.ياد رهي ته 2015ع جي ايڊيشن ۾ انگلش ٽيم گروپ مرحلي کان ٻاهر ٿي وئي هئي پر هن ڀيري هوم گرائونڊ تي ان کي فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي.ميزبان ٽيم هوم گرائونڊ تي منعقد 42 مان 30 ون ڊي انٽرنيشنل کٽڻ ۾ ڪامياب رهي آهي جڏهن ته صرف 9 ۾ مخالف سائيڊز کي فتح ملي سگهي آهي.