افغان طالبان طرفان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 3 ڏينهن جي لاءِ سيز فائر جو اعلان

ڪابل:- افغان طالبان طرفان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 3 ڏينهن جي لاءِ سيز فائر جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي جواب ۾ افغان حڪومت به جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽ تي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 3 ڏينهن جي جنگبندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عيد جي موقعي تي طالبان ڪنهن به قسم جي شدت پسند ڪارروائي نه ڪندا.البته پنهنجو دفاع ضرور ڪندا ۽ ان جي شروعات جمعي تي ٿيندو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان طرفان 3 ڏينهن جي جنگبندي جي اعلان کان پوءِ افغان حڪومت به سيز فائر جو اعلان ڪري  ڇڏيو آهي.افغان صدر اشرف غني جي ترجمان صديق صديقي طالبان جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسان به فورسز کي جنگبندي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واضح رهي ته افغان طالبان ۽ افغان حڪومت جي وچ ۾ عيدالفطر تي  به 3 ڏينهن جنگبندي جو  معاهدو ٿيو هو.