افغاني مهاجرن کان هاڻ موڪلائڻ گهرجي : ليکڪ شوڪت علي جلباڻي

                         پاڪستان دنيا جي ملڪن ۾ مهاجرن کي ڪثيرالتعداد ۾ پناهه ڏيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. جون 2019ع  جي اقوام متحده جي مهاجرن جي انگ اکر رکندڙ ايجنسي موجب وطن عزيز ۾ تقريبن 2.4 ڪروڙ  رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مهاجر موجود آهن،جيڪي ملڪ جي ڪُل آبادي جو 20 سيڪڙو کان به مٿي ٿئي ٿو. مارچ 2019ع ۾ ساڳئي اداري طرفان 1.38 رجسٽرڊ افغاني ۽ باقي بنگلالي برمي ۽ ٻيون قومون موجودگي ٻڌائي وئي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ان رپورٽ صرف 50 هزار افعانين کي ڪراچي جي رڪارڊ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته اتي 70 لکن کان وڌيڪ مهاجرن جي هجڻ جا انگ اکر به ساڳيو ئي ادارو ڏيئي ٿو، وڏي وزير گذريل سال بين الاقومي مهاجرن جا انگ اکر گڏ ڪندڙ اداري يونائيٽيڊ نيشنل ڪميشن فار رفيوجيز کي ٻيهر سروي وسيلي ڳڻپ ڪرڻ جي لاءِ چئي چڪو آهي پر اڃا تائين ڪو خاطر خواهه  تسلي بخش نه موٽ ملي آهي نه ئي نوان انگ اکر سامهون آيا آهن، جڏهن ته مقامي سياسي ۽  قومپرست پارٽين انهن انگ اکرن تي پنهنجن خدشن کي ظاهر ڪري ڇڏيو  آهي  ڇو ته حقيقي معنيٰ ۾  افغان مهاجرن جو  تعداد ڪراچي ۾ ان کان وڌيڪ آهي، جيڪي نه رڳو روزگارن تي قابض آهن پر جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي هتي ملڪيتن جا مالڪ به بڻجي ويا آهن.

موجوده حڪومت افغان مهاجرن جي لاءِ نرم گوشو رکي ٿي ۽ 2019ع  ۾ جڏهن افغان مهاجرن جو مدو پورو ٿي رهيو هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت افغان مهاجرن جي مدي ۾ وري هڪ سال جي لاءِ واڌاري جو اعلان ڪيو هو. نه صرف ايترو پر  وزيراعظم عمران خان 2018ع  ۾ تقريبن هڪ لک پنجهاهه هزار  افغان مهاجرن کي به ملڪي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.جنهن تي سنڌ صوبي جي وڏي وزير سان گڏوگڏ  بلوچستان جي وڏي وزير به سخت اعتراض واريا هئا. نوبت  بلوچستان جي صوبائي حڪومت اتحاد ۾ ڏارن تائين پهچي چڪي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي کانپوءِ ڪوئيٽا ئي ملڪ جو ٻيو وڏو شهر آهي، جنهن ۾ افغان مهاجر رهن ٿا. جنوري 2019 کان جون 2019 تائين  صرف 12825 افغان مهاجر افغانستان موڪليا ويا، جڏهن ته وبائي صورتحال جي اچانڪ اچڻ جي ڪري 2020 ۾ اهو سلسلو عارضي طور تي ملتوي ڪيو ۽ هيل تائين نوان انگ اکر جاري نه ڪيا ويا آهن پر عالمي قومي اداري براءِ مهاجرين جي سروي جي موجب جڏهن 17 فيبروري 2020 ۾ افغانستان واپس آيل افغانين کان پڇيو ويو ته اهي ڪيتري عرصي کانپوءِ پنهنجي وطن واپس آيا آهن ته انهي سروي مطابق 56 سيڪڙو اهڙا فرد ۽ خاندان هئا جيڪي 10 سالن ۽ 35 سيڪڙو اهڙا فرد هئا جن جي پيدائش ئي پاڪستان ۾ ٿي، اهو به ياد رهي ته افغان مهاجرن جي واپسي جن علائقن مان انهن جي اڪثريت خيبرپختونواهه ۽ فاٽا جي علائقن مان هئي، جڏهن ته ڪراچي ۽ بلوچستان جي علائقن مان گهٽ خاندان ۽ ماڻهون سروي موجب ڏٺا ويا. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ رهندڙ افغاني مهاجر مقامي طور تي ڪمزور نظام هجڻ سبب سنڌ توڙي بلوچستان مان چند پيسن جي عيوض قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي شهريت حاصل ڪري ويٺا آهن.

ڊينمارڪ جي هڪ  مهاجرن جي فلاحي تنظيم  “ دانش رفيوجي ڪائونسل ”جي طرفان 2018 ۾ افغانين سان مهاجرن جي لحاظ کان متڀيد رکڻ جي هڪ رپورٽ پيش ڪئي ويئي هئي،جنهن کي وطن عزيز جي تبديلي پسند حڪمرانن رد ته نه ڪيو. جڏهن ته ڪراچي توڙِي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ خودڪش حملن کان وٺي غير قانوني هٿيارن  جي خريد و فروخت سان نشي جي اسمگلنگ ۾ جيڪي غير ملڪي شخص پڪڙيا ويا تن ۾ اڪثر جو تعداد افغانسان جي انهن مهاجر ڪيمپن سان نڪري چڪو آهي،جيڪو پڻ سڀني جي سامهون آهي ۽ جنيوا ڪنوينشن  جي ابتڙ پاڪستان ۾  1980ع کان وٺي 2006ع  تائين افغان مهاجرن وٽ ڪنهن به قسم جو قانوني ڪاغذ نه هوندو هو، 2007ع ۽ 2008ع ۾ يونائيٽِڊ نيشن ڪميشن فار رفيوجيز تحت افغان مهاجرن جي ڳڻپ ڪرڻ جي لاءِ انهن کي قانوني ڪاغذ جو هجڻ لازمي قرار ڏيئي جاري ڪيا ويا. ڪراچي ۾ پشتون ڳالهائيندڙن جو تعداد 25 سيڪڙو آهي جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 22 سيڪڙو آهي ۽ جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ ٽئين نمبر، ان کان پوءِ سرائيڪي بلوچي ۽ ٻين ٻولين ڳالهائڻ واريون قومون اچي وڃن ٿيون.

پاڪستان جا صوبا  خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان گذريل 40 سالن تائين افغان مهاجرن سان گڏوگڏ ٻين مهاجرن کي پناهه ڏيندڙ ملڪن جو رڪارڊ ته ٽوڙي چڪا آهن پر افغان مهاجرن جي ڪري هڪ ملڪ جا وڏن  شهرن ۽  صوبن جي جاگرافيائي ۽ علائقائي حيثيت خطري ۾ پئجي چڪي آهي، پر ملڪي سياسي قيادت انهي ڳنڀير مسئلي کي تمام هلڪڙو وٺي رهي آهي  يا پنهنجي اقتداري قوت کي وڌائڻ جي انهن کي ملڪي شهري ڪري پنهنجا پارٽي جا ووٽ وڌرائڻ جي خاطر اهڙن حربن تي لهي آئي آهي. پيپلز پارٽي جنهن کي 1990 کانپوءِ جهڙوڪ ڪراچي مان ختم ڪيو ويو ۽ هميشا ڪجهه سيٽون ئي سندس سياسي ٿالهي ۾ آيون. اتي ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙ جي جماعت طور سامهون آندي ويئي.پيپلز پارٽي توڙي ايم ڪيو ايم افغان مهاجرن کي ڪراچي توڙي سنڌ ۾ رهائڻ تي هميشا سخت اعتراض ته واريندا آهن پر اتي ئي سندن قيادت جي اهم اڳواڻن تي پنهنجن ووٽن کي وڌائڻ ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومپرست حلقن جي ۽ سڄاڻ ڌرين جي طرفان پڻ الزام لڳندا آيا آهن جڏهن ته اي اين پي جو پڻ ووٽ بينڪ اڪثر پشتون ڳالهائيندڙن جو آهي. پشتون ڳالهائيندڙ به هن ملڪ جو رهواسي آهي پر جيڪڏهن ٻولي ۽ مذهب جي بنياد تي  جعلي ڊوميسائل ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي مهاجرن کي ملڪي شهريت ڏني وڃي ته ياد رکو اتا جي قومن کي اقليتن ۾  تبديل ٿيڻ ۾ وقت ناهي لڳندو.

 افغانستان ۾ هاڻ 1980 يا 2001 هڪ واريون حالتون ناهن رهيون، افغان طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ امن معاهدو طئي ٿي چڪو آهي ۽ آمريڪا به پنهنجا سپاهي 14 مهينن جي اندر افغانستان مان ڪڍڻ جو اعلان ڪندي ان جي شروعات ڪري چڪو آهي جڏهن ته افغان شهرين جي زندگي بغير ڪنهن خوف واري رونقن ڏانهن موٽي رهي آهي. هاڻي اچو ته پنهنجن افغان مهاجر ڀائرن کي سنڌي روايتن ۽ ملڪي تقدس سان باعزت ڪري سان الوداع چئون ۽ انهن جي ملڪ ۾ انهن جي خوشحال زندگي جي دعاگو ٿيون.