افغانستان جي جلال آباد واري علائقي ۾ ڀاڄ دوران 11عورتن سوڌو 15 ڄڻا لتاڙجي فوت

پشاور : افغانستان جي جلال آباد واري علائقي ۾ ڀاڄ دوران 11عورتن سوڌو 15 ڄڻا لتاڙجي فوت، افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران 300 کان وڌيڪ ماڻهو ويزا لاءِپهتا هئا، قونصل خاني ٻاهران اوچتو فائرنگ بعد ڀاڄ پئجي وئي، جنهن سبب 15 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ويزا لاءِ ميدان تي وڏي انگ ۾ مانهو پهتا، جتي اوچتو ڀاڄ پئجي وئي ته ماڻهو فوت ٿي ويا