business plan writing websites primary homework help co uk egypt mummies help me write a research paper creative writing fellowships 2021 i want to do my homework but i can't can you hire someone to write a business plan appeal of creative writing howard university creative writing oil price hike research paper rsm winchester homework help how to start in creative writing creative writing mystery story

اصولن جو امين ڪامريڊ غلام رسول سهتو : ليکڪ پروفيسر انعام ڀٽي

ايم آر ڊي جي 1986ع واري تحريڪ جو دور هو جڏهن ڪامريڊ غلام رسول سهتو سان پهرين ملاقات منهنجي اباڻي شهر شهدادڪوٽ ۾ ٿي. جن دوستن سان گڏجي ملڻ آيو اهي سندس ان وقت جي سوچ جا همسفر هئا ۽ منهنجا هم عمر.  انهي دور ۾ اسانجي نظرياتي سوچ ڌارا الڳ هئي، پر هڪ ڳالهه جيڪا اسان ۾ ساڳي هئي اها هئي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي خوشحالي. انهيءَ دور ۾ ڪامريڊ کاٻي ڌر جي سياست جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ۽ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي اڳواڻ پڻ هو جڏهن ته اسين سيد جي فڪر ۾ سلهاڙيل سنڌ ۽ سنڌي عوام جي خوشحالي ۽ آجپي جي جدوجهد جو حصو هئاسين.  انهي ملاقات ۾ عمر جي تمام وڏي تفاوت هجڻ باوجود به سياسي سوچ جي ڏي وٺ ٿي. حيرت اها آهي ته انهي دور ۾ سنڌ جو سياسي شعور ايترو ته ڦهليل هو جو هر ڳوٺ شهر وستي واهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن سياسي تنظيم جو پڙهيو لکيو ورڪر ضرور ملندو هو. عمر جي نه ڪا وٿي هوندي هئي نه ئي نظرياتي وڇوٽي جتي به ڪنهن سياسي جماعت جو جڏهن ڪو اڳواڻ پهچندو هو ته انهي کي ٻين جماعتن جي سياسي سمجهه رکندڙ ورڪرن سان ضرور ملايو ويندو هو. ڪڏهن اهي ملاقاتون وڏن وڏن بحثن جي نتيجي ۾ علم ۽ شعور جي منتقلي جو سبب بڻجنديون هيون ته ڪٿي انهي ملاقاتن جو مطلب سياسي مناظرو ڪري هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ هوندو هو.  انهي ملاقات بعد ڪامريڊ غلام رسول سان وري جيڪا ويجهڙائپ ٿي اها سنڌ اخبار شروع ڪرڻ واري دور کان ٿي. کاٻي ڌر جي سياست جي عملي ڪردار کي الوداع ڪرڻ بعد شايد ڪامريڊ امداد چانڊيو سميت ڪيترن دوستن گڏجي اهو سوچيو ته ڪاروباري صحافت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو لاڀائتو ڪردار ادا نه پئي ڪري سگهي. جيڪڏهن نظرياتي سوچ جي تابع صحافت شروع ڪجي ته ممڪن آهي انهي سان سنڌ جي عوام جي شعوري تربيت به ڪري سگهجي ۽ انهن جي آواز کي ڪو مناسب وزن پڻ ڏئي سگهجي. انهي سوچ سان روزاني سنڌ اخبار جي شروعات ڪئي وئي. انهي سنڌ اخبار جي شروعاتي سفر ۾ ڪامريڊ غلامرسول سهتو اهو شخص هو جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه ٻهاري اخبار جي مٿان لڳائي ڇڏيو.

اخبار جي پهرين سيڙپڪارن جي گروپ ۾ منهنجو دوست ۽ ڳوٺائي جاويد کوسو ۽ ٻيو هڪڙو دوست صنم سهتو به شامل هئا. انهي اخباري سفر بعد ڪامريڊ غلام رسول سهتو سان ملاقاتن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو. سندس مزاج، سوچ ترجيحات ۽ زندگي جي مقصد کان واقفيت ٿيڻ شروع ٿي. سڌو کرو ۽ بيباڪ بنا ڪنهن رک رکاءُ جي هر ڪنهن کي منهن تي ڳالهه ڦهڪائي هڻندڙ ڪامريڊ غلام رسول هميشه ساڳيو رهيو. هو ڪڏهن به نه بدليو. انهي ساڳئي دور ۾ هڪ بحث جو سلسلو هلي پيو ته نيٺ ڇا ڪجي. سنڌ جي ماڻهن جي وڌندڙ سورن جو ڪو درمان ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ويد اخبارن جي ڪالمن جو پيٽ ڀري رهيا هئا، پر سنڌ جي خوشحالي جو ڪو سامان ڪٿان نه پئي مليو. انهي نيٺ ڇا ڪجي جي عنوان هيٺ ڪامريڊ غلام رسول سهتو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ مذاڪرو ڪرايو جنهن ۾ آءُ به شريڪ ٿيس. اهو پهريون ڀيرو هو جو سائين ڪنعيالال گربخشاڻي، جيڪو اصل ته وارهه طرف جو آهي، پر اسانجي  اسڪول ۾ پڙهڻ واري زماني کان شهدادڪوٽ ۾ استاد رهڻ ڪري شهدادڪوٽي ٿي ويو آهي، اهو به شريڪ ٿيو. مذاڪري جي ختم ٿيڻ بعد هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ مونکي به ميمبر ڪيو ويو ۽ سائين لال کي انهي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.

ڪامريڊ سموري ڄمار ۾ ڪا پاڻ ۾ تبديلي آندي ته اها صرف هڪڙي هئي ته هو 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات بعد انهيءَ جو پيروڪار بڻجي ويو. جيڪو آخري سفر سائين جي ايم سيد جي جنازي جو ڪراچي کان سن تائين ٿيو ڪامريڊ انهي جو حصو رهيو ۽ انهي سفر تي هڪ ڪتاب ” آخري شب جا مسافر“ پڻ لکيائين. انهي سفر بعد ڪامريڊ هميشه اهو چوندو هو ته اسان سائين جي ايم سيد جي مخالفت ڪري تمام وڏو گناهه ڪيو. اها تبديلي اهڙي ته عجيب هئي جو هن انهي بعد پنهنجي سياست ۽ عقيدت جو محور سنڌ ۽ سيد سان سلهاڙي ڇڏيو. جڏهن به جنهن به جدوجهد جو آغاز ڪيائين انهي تي اٽل بيٺو رهيو، اڪيلو هجي يا ساڻس ڪير گڏ هن کي انهي جي پرواه ڪونه هوندي هئي ته ڪير ساٿ ڏيندو يا نه ڏيندو، پر کيس يقين هوندو هو ته هو پنهنجي ٻل تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندو. جيڪڏهن ڪنهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيائين ته سچ ۾ پيرين پنڌ انهي سفر تي نڪري پيو ۽ جيڪڏهن مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيائين ته مرڻ جي حالت تائين پهچڻ بعد ئي ڪنهن جي منٿن تي اها ختم ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر بڻيو سيد زين شاهه 2006ع ۾ ڪالاباغ ڊيم جي رٿا ۽ بلوچستان ۾ آپريشن خلاف روهڙي اسٽيشن تي شاليمار ريل آڏو بند سان زنجيرون ٻڌي احتجاج ڪيو ته انهي احتجاج ۾ ڪامريڊ سڀني کان اڳڀرو هيو. سموري ملڪي ميڊيا تي خبر باهه جيان پکڙجي وئي ڪيترن ڪلاڪن تائين سموري ملڪ جي ٽرينن جي آمدرفت رڪجي وئي. نه ڪا گرفتاري ٿي نه ڪو لٺ باٺو هليو، ڪيترائي عملدار ريلوي جا ۽ ٻين ادارن جا آيا اهي ڳالهائي هليا ويا انهن جي پهچ کان مطالبا مٿانهان هيا سو ڪيترن ڪلاڪن تائين ويهڻ بعد اهو فيصلو ڪيو ويو ته احتجاج رڪارڊ ٿي ويو هاڻي منتشر ٿجي. جڏهن انهي جي خاتمي جو اعلان ٿيو ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو ضد ڪري ويهي رهيو ته ڀلي ٽرين مٿان گذري وڃي جيسين مطالبو پورو نه ڪندا ڪونه اٿندس.

جيڪڏهن ڪنهن جي عمل مان کيس لڳندو هو ته اهو ڪنهن جي غيرضروري حمايت پيو ڪري ته کيس چئي ڏيندو هو ”انهي …وت جا ڪيترا پئسا ورتا اٿئي! ؟“ ذري برابر به ڪنهن سان رک رکاءُ ڪونه ڪندو هو چاهي اهو ڪير به هجي. هو سياست ۾ ڪنهن جي دلالي ڪرڻ ۽ ٻئي ڪنهن جي ونگار وهڻ جو سخت مخالف هوندو هو. زندگي جي جن به تڪليفن کي منهن ڏنائين ڪڏهن هن ڪٿي ڪنهن سان به ڪا شڪايت نه ڪئي. سندس زندگي جي سموري سياسي سفر ۾ جيڪا سچائي ۽ خودداري هئي اها تا مرگ سلامت رهي. هن ڪڏهن ڪنهن جي در جي حاضري ڀري پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه حاصل ڪونه ڪيو، هن جن جي به خلاف ڳالهايو لکيو يا جدوجهد ڪئي انهي جي پٺيان هن جي ڪا به ذاتي غرض ڪونه هئي هن جو هميشه هڪ ئي مقصد هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي ۽ آجپو. هو هر قسم جي غلامي جو مخالف هو اها چاهي ڪنهن فرد جي هجي يا ڪنهن رياست يا اداري جي.  هن جي جيئن زبان آزاد هئي تيئن هن چاهيو پئي ته هر فرد آزاد هجي، ڪير ڪنهن به سبب جي ڪري ڪنهن جو غلام نه هجي.  جڏهن ڪامريڊ غلام رسول جي جسد خاڪي کي لحد ۾ لاٿو ويو ته لڳو ڄڻ هڪ دور کي دفن ٿو ڪيو وڃي. سنڌ جو اهو دور جنهن ۾ سياسي شعور جي بيداري آبشارن جيان وهڪرا ڪري سنڌ کي سيراب ڪندي هئي. هي اهو شعور هو جنهن ون يونٽ کي به مات ڏني ته هر آمر جابر کي به شڪست ڏني. جنهن نام نهاد جمهوريتن سان به ٽڪرايو ته شخصي ڏاڍ کي به للڪاريو . ڪامريڊ جو جسم ته دفن ٿي ويو، پر سندس سچائي، بيباڪي ۽ بي لوث ڪيل خدمت سدائين تاريخ جي مٿان اجاڳر رهندي.