اصل کنڊ چور وزيراعظم ۽ بوزدار جو رپورٽ ۾ ذڪر ناهي: شاهد خاقان

اسلام آباد: نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته کنڊ چور وزيراعظم کي ايتري آساني سان ڀڄڻ نه ڏينداسين، عمران خان پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪابينا کي بچائڻ لاءِ رپورٽ جو سرڪس لڳايو آهي، حڪومتي  ميمبرن جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته هڪ ٻي ڪوڙي پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي چوري لڪائڻ جا تفصيل بيان ڪيا ويا، ميڊيا تي سرڪس ۾ اصل کنڊ چور وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزردار جو ذڪر ئي ناهي، هن چيو ته فيصلن جي منظوري ڏيندڙ وزيراعظم عمران خان، حفيظ شيخ، اسد عمر ۽ عثمان بوزدار آهن، سچ اهو آهي ته وزيراعظم کنڊ برآمد ڪرڻ جي ان وقت اجازت ڏني جنهن وقت تمام گهڻي کوٽ هئي، هن چيو ته عمران خان کي بچائڻ جي لاءِ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ۽ حڪومتي اختيار جو بدترين استعمال ٿيو ۽ عمران خان پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪابينا کي بچائڻ جي لاءِ رپورٽ جو سرڪس لڳايو آهي، رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ مشاورت سان نواز ليگ پنهنجي لائحه عمل جو اعلان ڪندي.