اسپين ۾ هڪ ئي ڏينهن ڪورونا جا ڇهه هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

بارسلونا: اسپين ۾ هڪ ڏينهن ۾ موذي ڪورونا وائرس جا 6 هزار 600 نوان ڪيسز رجسٽرڊ ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ وائرس سان متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 39 هزار 673 تائين پهچي ويو آهي.غير ملڪي خابرو ايجنسي موجب ڪورونا وائرس سان اسپين ۾ ايستائين فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 2 هزار 696 ٿي ويو آهي.