اسپين باز روانگي واپار ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو

جده :- باز جو شڪار ڪندڙ روايت عرب سوسائٽي ۾ صدين کان جاري آهي پر اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ان جو شڪار ڪندڙ شڪاري يورپ ملڪ اسپين مان آندا ويندا آهن .اسپين دنيا جو باز روانگي واپار ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي. عربن جي امير طبقي ۾ وڌيڪ مٿي اڏام ڪندڙ ان پکي جي گهڻي قدرو قيمت آهي . ايتري قدر جو خريدار هڪ باز حاصل ڪرڻ لاءِ هزارين يورو ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن .اسپين جو واپاري اينٽو نيو هرسال اٽڪل 150 باز وڪرو ڪندو آهي . جيڪي مرڪزي اوڀر جي امير شهري شڪار ۽ ويڙهه لاءِ خريد ڪندا آهن . گذريل سال اسپين اٽڪل 2800 باز روانگي واپار ڪيا هئا . جنهن مان اڪثر عرب ملڪن ڏانهن موڪليا ويا هئا . هڪ شڪاري باز جي قيمت 400 کان شروع ٿي هزار يورو تائين هوندي آهي .