اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ سزا حاصل ڪندڙ ليفٽ آرم بيٽسمين سلمان بٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو.

دبئي (اسپورٽس خبرون):- پاڪستان سپر ليگ فرنچائز لاهور قلندرز انجرڊ ڪپتان محمد حفيظ جي جاءِ تي مشهور اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ سزا حاصل ڪندڙ ليفٽ آرم بيٽسمين سلمان بٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو.اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا حاصل ڪندڙ سلمان بٽ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ واپس آيو ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پي ڪنهن وڏي ايونٽ ۾ شامل نه ٿي سگهيو.هو گذريل 3 سالن کان پي ايس ايل جي ڊرافت ۾ شامل رهيو پر چونڊجي نه سگهيو، هاڻ لاهور قلندرز کيس انجرڊ حفيظ جي متبادل طور تي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي.سلمان بٽ جي لاهور قلندرز ۾ شموليت جي تصديق پي سي بي به ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ جي انجري وڏو نقصان آهي پر سلمان بٽ ئي سندس بهترين مبتادل ٿي سگهي ٿو.