اسلام آباد يونائيٽڊ دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلي بعد لاهور قلندرز کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽڊ دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلي بعد لاهور قلندرز کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي. پي ايس ايل جي ستين ميچ لاهور ۾ کيڏي وئي، اسلام آباد ٽاس کٽي لاهور قلندرز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن پروفيسر حفيظ جي شاندار بيٽنگ جي نتيجي ۾ مقابلي جهڙو هدف ٺاهيو، حفيظ 98 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، فخر الزمان 33 رنز ٺاهيون، ٻيو ڪو به بيٽسمين ٻوٽو ٻاري نه سگهيو. لاهور قلندرز جي 183 رنز جي هدف جي جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي بيٽنگ لائين شروع ۾ ڪمزور نظر آئي پر پوري ميچ ۾ ڪنهن وقت لاهور قلندرز کي سرسي ملندي رهي ته ڪيڏي مهل وري اسلام آباد يونائيٽڊ جي پوزيشن مضبوط نظر آئي، اهڙي ريت ميچ هڪ دلچسپ مرحلي تي وڃي پهتي، جنهن دوران اسلام آباد جا 9 بيٽسمين آئوٽ ٿي چڪا هئا ۽ کين آخري اوور جي ٻن بالن تي هڪ رنز ۽ لاهور کي هڪ وڪيٽ گهربل هئي، اهڙي صورتحال ۾ ميدان تي موجود رانديگر توڙي اسٽيڊيم ۾ ويٺل شوقين ڳڻتين ۾ وٺجي ويا ته آخر ڇا ٿيندو، ڪير کٽيندو، پر نيٺ اسلام آباد يونائيٽڊ هڪ رنز مڪمل ڪري ڪاميابي ماڻي، لاهور قلندرز کي هڪ وڪيٽ تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان 55 ۽ ڊيوڊ ملن 22 رنز ٺاهي نمايان رهيا، لاهور قلندرز کي شاهين شاهه آفريدي جون 4 وڪيٽون به ڪم نه آيون.