اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا گمشدگين ۽ ڏوهي وارداتن ۾ واڌ بابت ڪيس تي ٻڌڻي

اسلام آباد : وزيراعظم کي خبر هجڻ گهرجي ته عام ماڻهو ڪيئن متاثر ٿي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ هر پاسي مفادن جي ٽڪراءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ايليٽ ڪلچر پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ڳالهه ختم، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا گمشدگين ۽ ڏوهي وارداتن ۾ واڌ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، وزيراعظم جو خصوصي معاون شهزاد اڪبر عدالت آڏو پيش ٿيو، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته مفادن جو ٽڪراءُ انتهائي سنجيده مامرو آهي، گهرو کاتو پاڻ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي، شهزاد اڪبر صاحب! سڄو نظرم ڪرپٽ ٿي ويو آهي، اهو هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿيو، عدالت اڳيان اها ڳالهه آئي ته رياست جي رٽ ڪٿي به نه آهي، شهرين جا بُنيادي حق متاثر ٿين ٿا، اسلام آباد ۾ رڳو اشرافيا جي خدمت ٿي رهي آهي ۽ اهو عمل رياست جون ترجيحون بيان ڪري ٿو، شهزاد اڪبر عدالت کي آگاهي ڏني ته گمشدگين جي ڪيسز ۾ عدالتن آڏو پيش ٿيندو رهيو آهيان، وزيراعظم مامري جو نوٽيس وٺي ڪميٽي جوڙي آهي، عدالت شهزاد اڪبر کي ٽن هفتن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو