when do you do your homework answer creative writing deutschland studieren creative writing assignments for adults bachelor of arts english and creative writing teach creative writing teachers local business plan writers case study helper of course i will help you with your homework essay about oil price hike doing dissertation in a week part time creative writing ma attorney creative writing

اسلام آباد مان پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 5 ووٽن تان پي ٽي آءِ اميدوار ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي هارائي ڇڏيو،

اسلام آباد := سينيٽ چونڊن ۾ وڏو اپ سيٽ سامهون آيو آهي، اسلام آباد مان پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 5 ووٽن تان پي ٽي آءِ اميدوار ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي هارائي ڇڏيو، جنرل سيٽ تي يوسف رضا گيلاني جو مقابلو پي ٽي آءِ جي حفيظ شيخ سان ٿيو، رٽرننگ آفيسر موجب پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته حفيظ شيخ 164 ووٽ کڻي سگهيو، رٽرننگ آفيسر موجب 7 ووٽ رد ٿيا،اسلام آباد مان  عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ اميدوار فوزيا ارشد 174 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل ن ليگ اميدوار فرزانه ڪوثر هارائي وئي، يوسف رضا گيلاني تي ڪاميابي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جهموريت بهترين انتقام آهي.جڏهن ته ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو