اسرائيل کي خطي ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو: حسن روحاني

ڪراچي :-  يو اَي اِي ۽ اسرائيل ۾ ٿيل ٺاهه تي رد عمل ۾ ايراني صدر چيو ته اماراتي حڪمران سمجهن ٿا ته اسرائيل سان لاڳاپن سان سندن سڪيورٽي ۽ معيشيت ۾ بهتري ايندي، پر اهو بلڪل غلط آهي. هن چيو ته يو اَي اِي جو اسرائيل سان ٺاهه وڏي غلطي ۽ فلسطين ڪاز سان غداري آهي، هو اميد ڪن ٿا ته يو اَي اِي کي غلطي جو احساس ٿيندو ۽ پنهنجو رستو تبديل ڪري وٺندا. حسن روحاني چيو ته گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل ۾ ٺاهه ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي چونڊ کٽائڻ لاءِ ڪرايو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ ايراني صدر حسن روحاني خبردار ڪيو ته اسرائيل کي خطي ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو