اساما بن لادن، پاڪستان ۽ عمران خان : ليکڪ سليم صافي

                         ماضي جي حقيقت اها آهي ته سووين يونين خلاف آمريڪا، پاڪستان ۽ عرب ملڪن گڏجي افغان مجاهدن ۽ اُنهن جي مدد لاءِ آيل اساما بن لادن جهڙي عرب مجاهدن جي ڄمي مدد ڪئي. انهي عمل ۾ چين ۽ ايران به مجاهدن سان گڏ هئا. ٻيو ته ٺهيو پر اسرائيل به ڀرپور مدد ڪئي. اساما بن لادن ۽ ان جا ساٿي هتي طالبان نه پر مجاهدن جي مدد لاءِ آيا هئا. انهن جون گهڻيون ويجهڙايون گلبدين حڪمتيار، برهان الدين رباني ۽ استاد سياف جهڙن ماڻهن سان رهيون. پوءِ امريڪا اساما بن لادن جهڙن عرب مجاهدن بابت يوٽرن ورتو ۽ بدلي ۾ اساما بن لادن به يوٽرن وٺي آمريڪا ۽ سعودي حڪومت کي پنهنجي دشمن ڊڪليئر ڪري ڇڏيو.گلبدين حڪمتيار، اساما بن لادن کي سوڊان مان افغانستان گهرايو ۽ افغانستان جي شهريت طالبان جي هدف نمبر ون برهان الدين رباني بطور صدر عنايت ڪئي هئي. طالبان جي جلال آباد تي قبضي بعد اساما بن لادن ۽ اُن جا ساٿي طالبان سان گڏجي ويا. نائين اليون بعد چين ۽ روس جي حمايت سان سلامتي ڪونسل مان منظور ٿيل ٺهراءُ تحت افعانستان ۾ ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي ته جنرل پرويز مشرف طالبان ۽ القاعده خلاف آمريڪا ۽ اُن جي اتحادين جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان جي مذهبي جماعتن ۽ مسلم ليگ نون ان فيصلي جي مخالفت ڪئي پر عمران خان ، پرويز مشرف جي حمايت ڪئي. اهو فيصلو پرويز مشرف آڪٽوبر 2001ع ۾ ڪيو ۽ عمران خان 2002ع جي چونڊن تائين پرويز مشرف جي ڀرپور حمايت ڪئي. ايسيتائين جو جعلي ريفرنڊم دوران ان جي حمايت ۾ جلسا به ڪيائين. پر جڏهن 2002ع جي چونڊن ۾ پرويز مشرف اقتدار عمران خان بدران مسلم ليگ قاف کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته عمران خان مخالفن جي ڪئمپ ۾ هليو ويو.تاريخي طور تي اها ڳالهه به غلط آهي ته عمران خان پهرين ڏينهن کان ئي فوج کي قبائيلي علائقن ۾ اماڻڻ واري فيصلي جي مخالف ڪئي ڇو ته فوج 2001ع ۾ قبائيلي علائقن ڏانهن وئي هئي، جڏهن ته عمران خان جو مخالفت ۾ بيان 2004ع ۾ رڪارڊ تي آيو.

نائين اليون بعد القاعده جي قيادت جا ڪجهه ماڻهو ايران منتقل ٿي ويا ۽ ٻيا پاڪستان اچي ويا. منهنجا درجين ڪالم رڪارڊ تي آهن ته پاڪستان ۾ تحريڪ طالبان کي اصلا القاعده مضبوط ڪيو ۽ پنهنجي ڪارروائين کانسواءِ ان کي پاڪستان ۾ به پراڪسي طور استعمال ڪيو. پرويز مشرف تي اسان جي به اها ئي تنقيد رهي آهي ته هُن آمريڪا سان صحيح بارگيننگ نه ڪئي ۽ پاڪستان اندر به غلط هينڊلينگ ڪئي پر بهرحال تاريخي حقيقت اها آهي ته گذريل پندرهن ويهه ورهين دوران اصل جنگ القاعده ۽ پاڪستاني فوج وچ ۾ ٿي.افعان طالبان بابت مختلف پاليسين جي بنياد تي پاڪستان تي ڊبل گيم جو الزام لڳندو رهيو.مان انهن ماڻهن ۾ شامل هئس، جيڪي افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان کي به هڪٻئي کان ڌار نه سمجهي رهيا هئا ڇو ته نظريو ۽ طريقيڪار ٻنهي جو ساڳيو هو پر افغان طالبان جي ترجيح افعانستان ۾ ڪارروايون جڏهن ته پاڪستاني طالبان جي ترجيح پاڪستان ۾ ڪارروايون رهيون. ان لاءِ اِن ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو ته ٽي ٽي پي اصل ۾ القاعده جي فرنچائيز هئي.هاڻ درست يا غلط پر ٽي ٽي پي ۽ اساما بن لادن جي القاعده سان گڏ اِن جنگ ۾ پاڪستان جا ستر هزار ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا.گذريل ڏهن پندرهن ورهين دوران پاڪستان گڏيل قومن، آمريڪا ۽ دنيا آڏو اهو ئي ڪيس سامهون رکي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان انهي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرباني ڏني آهي، ان لاءِ انهن قربانين جو اعتراف ڪيو وڃي پر جواب ۾ آمريڪا پاڪستان تي ڊبل گيم جو الزام مڙهيندي اهو چوندو رهيو آهي ته ڳجهه ڳوهه ۾ توهان جون همدaxرديون افغان طالبان سان آهن پر ڪڏهن آمريڪا اهو الزام کُلي نه لڳايو آهي ته پاڪستان جون القاعده سان به همدرديون آهن.

هاڻي توهان گذريل ورهين ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هر پاڪستاني حڪمران جي خطاب جو رڪارڊ کڻي ڏسو ته اُن جو بنيادي نقطو اهو ئي رهيو آهي ته پاڪستان دنيا جي امن خاطر اها جنگ وڙهي قربانيون ڏنيون پر موٽ ۾ ڪجهه به نه ملي رهيو آهي.آمريڪا هر لحاظ کان ڀارت جي ويجهو آهي پر رڳو ان بنياد تي پاڪستان جي حڪومت آمريڪا کان ڪشمير معاملي ۾ مدد جي گهر ڪندي رهي آهي ۽ پاڻ عمران خان جڏهن پهريون ڀيرو ڊونلڊ ٽرمپ سان مليو ته اُن جي ٽياڪڙي جي نالي ماتر آڇ کي تاريخي ڪاميابي سان قرار ڏنائين ۽ جڏهن واپس آيو ته سندس ائين استقبال ڪيو ويو ، ڄڻ ڪشمير فتح ڪري آيو هجي.!طالبان سان گڏ آمريڪا جون ڳالهيون پاڪستاني اسٽيبليشمينٽ جي مدد سان ٿيون، جنهن بعد آمريڪا طرفان ڊبل گيم وارن الزامن ۾ گهٽتائي آئي، جڏهن ته آرمي چيف ۽ اُن جي ٽيم طرفان ڪابل واري دوري بعد افغان حڪومت جي الزامن وارو سلسلو به رُڪجي ويو پر هاڻي اسان جي وزيراعظم نه رڳو اساما بن لادن کي شهيد چئي ڇڏيو آهي پر پارليامينٽ جي فلور تي بيهي ملڪ جي وزيراعظم طور تي اهو به تاثر ڏنو آهي ته هو ته انهي جنگ جو شروع کان ئي مخالف هو.هاڻي دنيا چوندي ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم اساما کي شهيد سمجهندو هجي ۽ ان جنگ جي خلاف هجي ته ڇا اُن ملڪ جنگ ۾ صحيح ساٿ ڏنو هوندو؟ ڪجهه ڏينهن اڳ افغان ميڊيا ۾ پاڪستان تي ڊبل گيم جي الزامن لاءِ ملابرادر جي پاڪستاني پاسپورٽ جو ذڪر چوٽ تي هو ۽ هڪ ڏينهن بعد وزيراعظم اهڙو مواد فراهم ڪري ڇڏيو جو اڄ سڄي آمريڪا ۽ انڊين ميڊيا تي اساما بن لادن کي شهيد چوڻ واري بيان جي هاڪ آهي. يقينن ايبٽ آباد واقعي پاڪستان جي وڏي خواري ڪئي پر اُن وقت جيڪي ماڻهو مختار هئا، ان جو وزيراعظم ڪو ذڪر ئي ڪونه ڪيو.اِن واقعي جي جاچ ڪميشن جو سربراهه سندس محبوب موجوده نيب چيئرمين هو. وزيراعظم ان جي جاچ جو ڪو ذڪر ئي نه ڪيو. وزيراعظم ملڪ جي خواري جو اهو انتظام ڪرڻ بدران اهو اعلان ڪري ڇڏي ها ته مان سڀاڻي ايبٽ آباد ڪميشن واري رپورٽ پڌري ڪري رهيو آهيان پر هُن ائين نه ڪيو، سندس بقول کيس اِن واقعي تي سخت تڪليف ٿي ۽ يقينن هر پاڪستاني کي ٿي هوندي ته پوءِ همٿ ڪري اها رپورٽ به سامهون آڻيو ته قوم کي خبر پوي ته ڪير ڪير ذميوار هو ؟ ۽ اها به خبر پوي ته موجوده نيب چيئرمين ڪيتري همٿ ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو هو؟