ارشد ملڪ پي آءِ اي يا ايئر فوس مان ڪنهن به هڪ اداري ۾ نوڪري ڪري:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ايئر مارشل ارشد ملڪ کي پي آءِ اي يا ايئر فورس مان ڪنهن هڪ ۾ رهڻ جو آپشن ڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڊي پي آءِ اي ارشد ملڪ جي مقرري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته حڪومت ۽ پي آءِ اي رپورٽون جمع ڪرايون.چيف جسٽس چيو ته حڪومت ۽ پي آءِ اي جي رپورٽن مان لڳي ٿو ته هڪ ئي ماڻهو ٺاهيون آهن، جن ۾ رڳو ايئر مارشل صاحب جون تعريفون ڪيون ويون آهن.پي آءِ اي بورڊ جي وڪيل چيو ته ارشد ملڪ جي مقرري لاءِ شفاف طريقي ڪار اختيار ڪيو ويو آهي.جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي سربراهه وٽ ڪمپني هلائڻ جو تجربو ناهي، هر ماڻهو کي فنانس ۽ ايڇ آر جو تجربو ناهي هوندو، پي آءِ اي ۾ جهاز اڏائيندڙ ڪيپٽن کي به سربراهه لڳايو ويو، پائلٽس جي دور ۾ به پي آءِ اي کي اربين رپين جو خسارو ٿيو، جرمن سربراهه جيڪو جهاز کڻي ڀڄي ويو، ان جو ڇا ٿيو؟چيف جسٽس چيو ڇا جرمني ۾ اڳوڻي ايم ڊي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو؟ ڪمرشل جهاز کڻي ڀڄي وڃڻ ته هاءِ جيڪنگ آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل جهاز چوري بابت انوکو منطق پيش ڪيو ته جهاز چوري نه پر پراڻو ٿي چڪو آهي، جنهن تي چيف جسٽس کيس ٽوڪيو ته اٽارني جنرل صاحب اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو، جيڪي هضم نه ٿي سگهن.وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ارشد ملڪ جي ٽن سالن لاءِ ڊيپوٽيشن تي مقرري ٿي آهي ۽ کيس بدنام ڪرڻ جي باقاعدي طور مهم هلائي پئي وڃي.چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ارشد ملڪ کي پي آءِ اي يا ايئر فورس ۾ رهڻ جو آپشن ٿيو، ڇا پي آءِ اي کي ڪُل وقتي سربراهه جي ضرورت ناهي؟ ارشد ملڪ اڳ ئي ايئر فورس جو ملازم آهي، کيس نئين ملازمت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ سپريم ڪورٽ ڊيپوٽيشن تي مقرري خلاف اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي، عدالتي حڪم خلاف مقرري ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟سلمان اڪرم راجا عدالت جي وڌيڪ مدد لاءِ وقت طلب ڪري ورتو، جنهن تي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.