آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا سبب والٽر ريڊ اسپتال منتقل

واشنگٽن :- آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي والٽر ريڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ماسڪ پهري هيليڪاپٽر ذريعي والٽر ريڊ اسپتال روانو ٿيو. ٽرمپ ڪنهن جي مدد کانسواءِ پاڻ هلي ڪري هيليڪاپٽر ۾ ويٺو. ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آمريڪي صدر ماسڪ پهري هيليڪاپٽر ذريعي وائيٽ هائوس کان والٽر ريڊ ميڊيڪل سينٽر پهتو. اسپتال ۾ ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ خاص محفوظ ڪمرو تيار ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ملٽري اسپتال ۾ گذارڻا پوندا ۽ هو صدارتي ذميواريون به سرانجام ڏيندو رهندو. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر ذريعي ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو اچڻ جي تصديق ڪئي. ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته  سندس گهرواري ميلينيا جي به ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. هن چيو ته رپورٽ پازيٽو اچڻ  پاڻ کي گهرواري سميت آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي، جلد ٻئي صحتياب ٿي ويندا. آمريڪي صدر جي اهم صلاحڪار هوپ هڪس جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو آئي هئي، جنهن بعد ٽرمپ ۽ سندس گهرواري پاڻ کي آئسوليٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. آمريڪي ميڊيا موجب، ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کان اڳ هوپ هڪس ٽرمپ سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪيو هو ۽ هڪ ٽي وي تي بحث ۾ به ساڻس گڏ رهي