آمريڪي صدر نيشنل فورس جي عملي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن:- آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شڪاگو سميت ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اثر هيٺ علائقن ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ نيشنل فورس جي اهلڪارن جي انگ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي.برطانوي ميڊيا موجب ريپبلڪن پارٽي سان تعلق رکندڙ صدر طرفان مخالف ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي اثر هيٺ شڪاگو ۽ ٻين شهرن کي مظاهرن کي نظر ۾ رکندي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. پورٽ لينڊ ۽ اوريگن ۾ نيشنل فورس جي مقرري تڪراري بڻجي وئي آهي. جڏهن ته مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته تازن مظاهرن سبب ان علائقن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.آمريڪي رياست مني سوٽا جي شهر ميني پوليس ۾ 25 مئي تي پوليس جي هٿان ڪاري نسل جي جارج فلائيڊ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي ۽ مختلف وقتن تي مظاهرا سول نافرماني ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.جڏهن ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي. سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انصاف واري کاتي کي شڪاگو ۾ فوري طور تي نيشنل فورس وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته هلندڙ حملن قوم جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن. گذريل ڪجهه هفتن ۾ اسان جي پوليس کاتي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مختلف تحريڪون هلايون ويون. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته فائرنگ، قتل غارت ۽ سنگين ڏوهه ضرور ختم ٿي ويندا.