آمريڪا ۾ گرين ڪارڊ ۽ غير ملڪين جي ورڪ ويزا تي پابندي

واشنگٽن:- آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرين ڪارڊ ۽ غير ملڪين جي ورڪ ويزا تي عارضي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽ موجب  صدر ڊنلڊ ٽرمپ پاران لڳايل عارضي پابندي هلندڙ سال جي آخر تائين جاري رهندي، جڏهن ته وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معيشت بحال ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويندو، آمريڪي صدر جي اهڙي فيصلي سان ايڇ ون بي ڪيٽگري ويزي تي ٽيڪنالاجي فرمز ۾ ڪم ڪندڙ ڀارتي شهري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا، جڏهن ته پابنديون ايڇ ٽو بي ويزا رکندڙن  تي به لاڳو ٿينديون،