آمريڪا ۾ جارج جي قتل خلاف وڳوڙ، وائيٽ هائوس وارو علائقو جنگ جو ميدان، 40 رياستن ۾ ڪرفيو لاڳو

واشنگٽن :-  آمريڪي رياست مني سوٽا ۾ پوليس هٿان مارجي ويل جارج فلوئيڊا جي قتل خلاف مڇرن ماڻهن پاران وائيٽ هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون، مڇريل ماڻهن ٽرمپ جي چيلينج کي لبيڪ ڪندي وائيٽ هائوس ويجهو پهتو جتي ڪيترن ئي گاڏين کي باهه ڏئي عمارتن کي به نقصان پهچايو ويو. جنهن بعد آمريڪا جي ڇهن رياستن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. واشنگٽن، نيويارڪ، مني سوٽا، اوهائيو، لاس اينجلس، فلاڊلفيا، ڪنيڪٽي ڪٽ، لوئي ول ۽ اٽلانٽا سميت 40 رياستن ۾ ڪرفيو  لاڳو ڪيو ويو. آمريڪا ۾ پوليس آفيسر جي هٿان سياه فارم شهري جي قتل جي خلاف شروع ٿيندڙ وڳوڙ ڏينهن به ڏينهن تيز ٿيندا پيا وڃن. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان وڳوڙن  ۽ مظاهرين کان ايترو ڊڄي ويو آهي جو هن پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ وائٽ هائوس جي زمين اندر بنڪر ۾ لڪي ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب سياه فام شهري جي قتل خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين جمعي جي ڏينهن وائٽ هائوس (آمريڪي ايوان صدر) جي تمام گهڻو ويجهو پهچي چڪا هئا ۽ مقامي پوليس سان ان جون چڪريون جاري هيون. ان موقعي تي ٽرمپ بيان جاري ڪيو ته جيڪڏهن مظاهرين وائٽ هائوس ۾ داخل ٿين ته کين خونخوار ڪتن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي منهن ڏيڻو پوندو. ٽرمپ جي ان بيان کي مظاهرين پنهنجي لاءِ چيلنج سمجهيو ۽ هنن وائٽ هائوس جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي. اهڙين حالتن ۾ مبينه طور تي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت تي مقرر آمريڪي سيڪريٽ سروس جا اهلڪار بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا ۽ هو صدر ٽرمپ کي وائٽ هائوس ۾ زمين اندر بنڪر ۾ کڻي ويا جنهن کي دهشتگرد حملي يا جنگ ۾ صدر جي حياتي بچائڻ جي لاءِ خاص طور تي تيار ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ته پڪي آهي ته ٽرمپ جمعي جو ڏينهن ان بنڪر ۾ گذاريو پر هو ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن به ڪنهن عوامي هنڌ تي نظر نه آيو ۽ نه ئي هن وائٽ هائوس ۾ ڪنهن لائيو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. جنهن سبب اهي افواهون پکڙجي رهيون آهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جمعي جي ڏينهن کان وائٽ هائوس جي بنڪر ۾ لڪيل آهي. واضح رهي ته هينئر تائين آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي سميت گهٽ ۾ گهٽ 75 آمريڪي شهر وڳوڙن ۽ احتجاج جي وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن جڏهن ته ان مظاهرن جي شدت ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي.