آمريڪا ۾ بي گهر ٿيڻ جا ڪارڻ: ليکڪ ذاڪر بُلو

آمريڪا جهڙي خوشحال، خوبصورت ۽ طاقتور ملڪ ۾ به آبادي جو هڪ وڏو انگ مختلف سببن جي ڪري روڊ رستن، پارڪس، ريلوي اسٽيشنز، جهوپڙين ۽ گهٽين ۾ رهڻ تي مجبور آهي. خاص طور تي نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي، ڪيليفورنيا، شڪاگو، ٽيڪساس، فلوريڊا، ڪينسس، واشنگٽن رياست جي سياٽل ۽ ڪنگز ڪائونٽي سميت ملڪ جا ٻيا ڪيترائي وڏا شهر شامل آهن.هتي بي گهر ٿيڻ جي مُک سببن منجهان پهرين نمبر تي طلاق، ان کانپوءِ گهر جون ماهوار قسطون نه ڀرڻ تي گهر جي نيلامي، باهه لڳڻ، قدرتي آفتون جهڙوڪ سامونڊي طوفان، زلزلا ۽ ٻوڏون، بيماريون ۽ خاص طور تي مٽن مائٽن جا رويا ۽ سهڪار ڪرڻ وارا دوست يار يا مائٽ نه هجڻ آهن.

هنن ملڪن ۾ طلاق ڏيڻ جي صورت ۾ قانوني طور تي مڙس پنهنجي زال کي گهر ۽ ڪاروبار مان اڌ يا ان کان مٿي ملڪيت جو حصو ڏيڻ لاءِ پابند هجي ٿو، پوءِ پاڻ ڀلي وڃي روڊ تي سمهي. منهنجي هتي رهڻ وارن ڇهن سالن جي ننڍڙي عرصي ۾ ڪجهه اهڙا واقعا پاڻ ڏٺا اٿم جنهن کانپوءِ ڪجهه همراهه ذهني توازن وڃائي هميشه لاءِ بي گهر ٿي ويا، ڪي جُواري، ڪي ڏوهاري، ڪي واپس ڏيهه هليا ويا ته ڪي وري سڌري پاڻ سنڀالي ويا.اُتر آمريڪا ۾ گهر، ڪاروبار ۽ گاڏين سميت ننڍيون وڏيون شيون مناسب وياج ۽ آسان قسطن تي آرام سان ملي وينديون آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ قسطن تي گهر ورتو ۽ اڳتي هلي ڪنهن به سبب جي ڪري وڌيڪ قسطون نه ٿو ڀري سگهي ته بئنڪ سندس گهر ضبط ڪري ڇڏيندي آهي. نتيجي ۾ پوري جو پورو خاندان بي گهر ٿيو وڃي.

هتي باهه لڳڻ جا واقعا پڻ عام آهن. يو ايس فائر ايڊمنسٽريشن جي هڪ رپورٽ موجب هر سال ٽي کان ساڍا ٽي هزار ماڻهو گهرن ۾ لڳندڙ باهه جي ڪري مارجي وڃن ٿا. گهرن ۾ باهه لڳڻ جو مُک ڪارڻ رڌ پچاءُ يا وري ڊسمبر ۽ جنوري جي مهيني ۾ ٿڌ سبب گهرن ۾ باهه ٻارڻ ٻڌايو وڃي ٿو.پنجاهه رياستن تي مشتمل هن ملڪ ۾ سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏون پڻ ڄڻ ته معمول جو حصو آهن. خاص طور تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهندڙ مينهن کانپوءِ درياهن ۽ ڍنڍن جو اٿلي پوڻ، ڊئم ٽٽڻ، برف جو پگهرجڻ، سونامي ۽ سينڊي جهڙا سامونڊي طوفان پڻ وڏي تباهي آڻين ٿا.بهرحال، مٿين سمورن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جي سهائتا، شيلٽر هومز، مفت يا سستا گهر مهيا ڪرڻ لاءِ مختلف اين جي اوز، وفاقي ۽ رياستي حڪومتون مختلف منصوبن تحت ڪم ڪري رهيون آهن. هتان جي حڪومت پاران هر سال بجيٽ ۾ خاص طور تي بي گهر ماڻهن لاءِ الڳ رقم پڻ رکي ويندي آهي. جنهن مان سستا گهر، شيلٽر هومز، صحت، تعليم، کاڌ خوراڪ ۽ متاثر ڪٽنبن ۾ وظيفو ورهايو ويندو آهي.