آمريڪا ۾ باهه لڳڻ سبب عورتن سميت 34 ڄڻا سڙي فوت

نيويارڪ :- امريڪي رياست اوريگن ۾ دوزخ جا منظر، ٻن هفتن کان ڀڙڪيل خطرناڪ باهه هزارين گهر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، عورتن سوڌو 34 ڄڻا سڙي فوت، اوريگن رياست جي گورنر جي سفارش تي ٽرمپ سرڪار باهه جي هاڃن کي ڊزاسٽر قرار ڏئي ڇڏيو، امريڪي ميڊيا جي رپورٽس موجب باهه 45 لک ايڪڙ ايراضي کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو، جهازن ۽ هيليڪاپٽرز ذريعي جديد مشينري سان باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري، امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ آگسٽ مهيني دوران خطرناڪ باهه ڀڙڪي پئي هئي، اُنهي باهه 2 هفتا اڳ واشنگٽن ۽ اوريگن رياست جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو