آمريڪا چيني سائنسدانن کي گرفتار ۽ شاگردن کي هراسان ڪرڻ کان پاسو ڪري: چين

بيجنگ:- چين وائٽ هائوس انتظاميه کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا چيني سائنسدانن، محققن ۽ شاگردن کي حراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته آمريڪا ۾ چيني شاگردن ۽ محققن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته 3 محققين کي غيرقانوني طور تي گرفتاري ۾ به رکيو ويو آهي.چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڪيليفورنيا رياست ۾ هڪ  چين جي رهواسي محقق يوان ٽينگ جي ضمانت تي آزادي جي درخواست به تازو ئي رد ڪئي وئي آهي جنهن سبب آمريڪا جا ارادا کلي سامهون اچي ويا آهن. چين پنهنجي شاگردن ۽  محققن جي حياتين جي حفاظت جي لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائيندو.چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته تعليم ۽ ريسرچ جي حوالي سان آمريڪا ۾ رهندڙ چيني شهرين کي هراسان ڪرڻ جو عمل بند ڪيو وڃي ۽ سمورن گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ چيني حڪومت پنهنجي شهرين جي حفاظت جي لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ جي لاءِ آزاد هوندي