آمريڪا پرڏيهي شاگردن لاءِ آن لائن ڪلاسز ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن :- آمريڪا آن لائن ڪلاسز وٺندڙ شاگردن کي سهولت نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته پهرين کان موجود ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ وبا جي ڪري ان جي تياري ڪندڙن جي لاءِ سخت حڪم جاري ڪري چڪو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اميگريشن اينڊ ڪسٽمز انفورسمنٽ طرفان پاليسي ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويو. ٻئي پاسي هارورڊ ۽ ايم آءِ ٽي سميت پهرين نمبر جي يونيورسٽين، استاد يونين ۽ گهٽ ۾ گهٽ 18 رياستن آن لائن پڙهڻ جي خواهشمند پرڏيهي شاگردن جي ويزا واري پاليسي ۾ تبديلي کي عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ انتظاميا 14 جولاءِ تي ڪورس تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ فيصلو واپس ورتو هو